بريڪنگ نيوزسنڌ

ٽنڊو محمد خان ۾ بيواهھ عورت سان مبينا لڄالٽ جي ڪوشش،انصاف لاءِ پاڻ ساڙڻ جو چتاءُ

ٽنڊو محمد خان (رپورٽ: نعيم ميمڻ) ٽنڊو محمد خان جي ريڊ سنڌي ڪيٽل فارم جي علائقي جي رهواسڻ بيواھه عورت مريم خاصخيلي پنهنجي فوت ٿي ويل مڙس جي سروس بڪ حاصل ڪرڻ لاءِ ريڊ سنڌي ڪيٽل فارم جي سپريڊنٽ آفيس پهتي جتي آفيس جي اڪائونٽ آفيسر جميل بلوچ مبينه طور عورت کي سروس بڪ ڏيڻ جي بهاني پنهنجي ذاتي رهائشي ڪمري ۾ وٺي ويو جتي ڪمرو بند ڪري ڄاڻايل عورت سان زبردستي لڄالٽ جي ڪوشش ڪئي ، عورت کي هٿن سان بيڊ تي ڪيرايو جتي هُو مزاحمت ڪري ڪمري کان ٻاهر نڪرڻ لڳي ته سندس ڪپڙا ليڙون ليڙون ٿي ويا ، جنهن ۾ هو ڪمري کان ٻاهر نڪرڻ جي بعد ٻيهر رڙيون ڪيون ۽ سندس معصوم 12 سالا ٻار جيڪو اڳ ئي آفيس ۾ ويٺل هو ان جي دانهون ڪرڻ بعد ملازم پهچي ويا ، جنهن سبب عورت عزت لڄالٽ کان بچي وئي، بيواھه عورت پنهنجي معصوم ٻار سان گڏ فارم جي سپريڊنٽ جي آفيس شڪايت لاءِ وئي جتي سپريڊنٽ آفيس ۾ موجود نه هو جنهن کانپوءِ هن اچي تعلقي ٿاڻي جي ايس ايڇ او وٽ ايف آءِ آر داخل ڪرڻ لاءِ پهتي جتي ايس ايڇ او متاثر عورت کي پوليس جي جاچ ڪرائڻ جو چئي ايف آءِ آر داخل ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو جنهن جي بعد عورت ايس ايس پي ٽنڊو محمد خان جي آفيس ۾ اچي ايف آءِ آر لاءِ درخواست ڪئي آهي پر سندس ايف آءِ آر داخل ٿي نه سگهي آهي، بيواھه متاثر عورت پنهنجي معصوم ٻار سان گڏ ٽنڊو محمد خان پريس ڪلب آڏو اچي ٿيل زيادتي جي ڪوشش خلاف احتجاج ڪيو ، احتجاج دوران متاثر بيواھه عورت مسمات مريم خاصخيلي ٻڌايو آهي ته هن سان تمام وڏي ناانصافي ٿي آهي، ايتري قدر جو ريڊ سنڌي ڪيٽل فارم جي سندس ملازم فوتي مڙس رانجهو جي سروس بڪ حاصل ڪرڻ لاءِ آفيس ۾ آئي ته اڪائونٽ آفيسر جميل بلوچ هن کي ڪمري ۾ وٺي وڃي تشدد مارڪٽ جو نشانو بڻائي لڄالٽ جي ڪوشش ڪئي، جنهن ۾ هن رڙيون ڪري پنهنجي عزت بچائي ورتي آهي پر پوليس سندس ايف آءِ داخل ڪري نه رهي آهي جنهن جي ڪري هاڻي کيس انصاف نه مليو ته هو پنهنجي مٿان پيٽرول هاري انصاف لاءِ پاڻ کي باھ ڏئي ساڙيندي.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button