بريڪنگ نيوزسنڌ

حيدرآباد ۾ ايوان زراعت سنڌ جي آبادگارن جو ڪنوينشن منعقد

حيدرآباد(رپورٽ: فاضل چنا)حيدرآباد ۾ ايوان زراعت سنڌ جو ڪنوينشن، سڄي سنڌ مان آبادگارن جي شرڪت، اڳوڻي وفاقي وزير سيد نويد قمر، ايوان زراعت سنڌ جي صدر سيد ميران محمد شاهه، اڳوڻي ايم اين اي نواب عبدالغني ٽالپر، زاهد ڀرڳڙي، نبي بخش سٺيو ۽ ٻين آبادگارن اڳواڻن جو خطاب، وفاقي نگران سرڪار ۾ نيشنل فوڊ سيڪيورٽي وازارت جو وزير مقرر نه ٿيڻ ۽ ملڪي جي ڊي پي ۾ زرعي معيشت جو حصو گهٽجڻ تي سخت ڳڻتيءَ جو اظهار، وفاقي ۽ صوبائي نگران سرڪار کان هنگامي بنيادن تي زراعت کي هٿي ڏيارڻ ۽ آبادگارن کي زرعي شعبي ۾ رليف فراهم ڪري زرعي پيداوار، ايڪسپورٽ کي وڌائڻ ۽ ملڪي معيشت کي بهتر ڪرڻ جو مطالبو. ان سلسلي ۾ ايوان زراعت سنڌ جي آبادگارن جو ڪنوينشن ايوان زراعت سنڌ جي هيڊڪوارٽر حيدرآباد ۾ ٿيو، جنهن ۾ اڳوڻو وفاقي وزير ۽ پيپلز پارٽي جو اڳواڻ سيد نويد قمر خاص مهمان طور شريڪ ٿيو، جڏهن ته ڪنوينشن جي صدارت ايوان زراعت سنڌ جي مرڪزي صدر سيد ميران محمد شاهه ڪئي. ان موقعي موقعي تي اڳوڻي وفاقي وزير ۽ پيپلز پارٽي جي سينيئر اڳواڻ سيد نويد قمر آبادگارن جي ڪنوينشن ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ملڪي جي ڊي پي ۾ زراعت جو حصو گهٽ ٿي رهيو آهي، هن چيو ته سنڌ سميت سڄي ملڪ جي آبادگارن جا مسئلا ساڳيا آهن، زرعي جنسن جا اگهه مناسب نه ملڻ، زرعي لاڳت تي خرچ وڌيڪ اچڻ، زرعي مشينري جون قيمتون وڌي وڃڻ سميت پاڻي ۽ ٻيا اهڙا انيڪ مسئلا آهن، جن کي آبادگار منهن ڏئي رهيا آهن، هن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو نگران سنڌ سرڪار جي 31 آڪٽوبر تي طلب ڪيل سنڌ ڪابيا جي اجلاس ايجنڊا ۾ ڪمند جي اگهه جي به ايجنڊا رکي وئي آهي، ڪمند جي اگهه جو معاملو گذريل سنڌ سرڪار جي دور ۾ سنڌ شگر ڪين بورڊ جي اجلاس ۾ طئه ٿي چڪو آهي، ان ڪري نگران سنڌ سرڪار ڪمند جي ان ئي مقرر ٿيل اگهه کي ئي برقرار رکندي، جيڪڏهن ڪمند جي اگهن ۾ ڪا ڦير ڦار ڪئي وئي ته اهو غيرقانوني قدم هوندو پر منهنجي خيال ۾ ته سنڌ جو نگران وڏو وزير جسٽس ر مقبول باقر ايئن نه ڪندو. هن چيو ته پيپلز پارٽي جي هر دور جي حڪومت ئي آبادگارن جا مسئلا حل ڪيا آهن، گذريل سال ڪڻڪ جو امدادي اگهه 4 هزار رپيا في مڻ ۽ هلندڙ سال ڪمند جو اگهه 425 رپيا في مڻ مقرر ڪرڻ جهڙا آبادگار ۽ زراعت دوست قدم پ پ جي سنڌ سرڪار ئي کنيا، جنهن کي باقي ملڪ جي ٻين صوبن به فالوو ڪيو، هن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته ڪمزور پاليسين جي ڪري زراعت جي فوقيت گهٽ ٿيندي پئي وڃي، وڏي افسوس جي ڳالهه آهي جو موجوده وفاقي نگران سرڪار ۾ نيشنل فوڊ سيڪيورٽي جو وزير ئي ناهي، جنهن ۾ اندازو ٿئي ٿو ته حڪومت وٽ زراعت جو شعبو ڪيتري اهميت رکي ٿو، هن چيو ته فرٽيلائيزر پاليسي کي ترجيح ڏيڻ جي ضرورت آهي، هن وقت اسان وٽ پرڏيهي ناڻي جي مٽا سٽا نه آهي، ڪپهه جي پوک بابت اڃا تائين ڪنهن وڏي سان ڪوبه معاهدو ناهي ٿيو، هن چيو ته اسان کي واٽر مينيجمينٽ تي سرمائيڪاري ڪرڻ جي ضرورت آهي، ماضي ۾ به حڪومتن پرو ايگريڪلچر پاليسي نه ٺاهي ان ڪري ڊگهي مدي وارا نتيجا نه ملي سگهيا آهن، هن چيو ته ٻاهرين ملڪن جي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري اچڻ گهرجي ۽ ان جي اسان کي آجيان ڪرڻ گهرجي، هن هڪ ٻي سوال جي جواب ۾ چيو ته آبادگارن کي زرعي ٽيڪس ڏيڻ گهرجي، زراعت تي اهڙو ٽيڪس ريٽ هجڻ گهرجي، جيڪو ماڻهو آساني سان ڏئي سگهن. هن چيو ته اسان آخر ڪيستائين ٻاهران ڪڻڪ گهرائيندا رهنداسين ۽ ڪيستائين ڪڻڪ تي سبسڊي ڏينداسين ان ڪري آبادگارن کي ڪڻڪ سميت سمورن فصلن جا اگهه بهتر ملڻ گهرجن ته جيئن اهي ڪڻڪ سميت هر ضرورت پوري ڪندڙ فصلن جي وڌ کان وڌ پوک ڪن. هن چيو ته هن وقت پاڪستان پاڻي جي کوٽ کي منهن ڏئي رهيو آهي، پاڻي جي مسئلي تي اسان کي وڌ کان وڌ ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي ۽ ڊرپ ايريگيشن سسٽم کي وڌائڻ گهرجي. هن چيو ته سنڌ جي آبادگارن کي گهرجي ته اهي اليڪشن وڙهندڙ هر سياسي پارٽي تي دٻاءَ وجهن ته اهي پنهنجي منشور ۾ زراعت کي اڳيان رکن. ان کان اڳ آبادگارن جي ڪنوينشن کي ايوان زراعت سنڌ جي صدر سيد ميران محمد شاهه، جنرل سيڪريٽري زاهد حسين ڀرڳڙي، سينيئر نائب صدر نبي بخش سٺيو، محمد خان ساريجو، مير عبدالڪريم ٽالپر، مراد علي خان نظاماڻي ۽ ٻين ضلعن مان آيل آبادگار زراعت سان لاڳاپيل مسئلن تي ڳالهايو.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button