بريڪنگ نيوزقومي
صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ چيف اليڪشن ڪمشنر وچ ۾ ملاقات، چونڊون 8 فيبروري تي ڪرائڻ تي اتفاق
اسلام آباد (بيورو) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ چيف اليڪشن ڪمشنر وچ ۾ چونڊون 8 فيبروري تي ڪرائڻ تي اتفاق ٿي ويو آهي. اُن کان اڳ صدر عارف علوي ۽ چيف اليڪشن ڪمشنر وچ ۾ ملاقات به ٿي، جنهن ۾ چونڊن جي تاريخ جي حوالي سان مشاورت ڪئي وئي. صدر عارف علوي ۽ چيف اليڪشن ڪمشنر وچ ۾ ٿيل ملاقات جي پڌرائي جاري ڪئي وئي آهي. پڌرائي موجب صدر عارف علوي ۽ چيف اليڪشن ڪمشنر 8 فيبروري 2024ع تي عام چونڊون ڪرائڻ تي اتفاق ڪري ورتو آهي. اُن کان اڳ اليڪشن ڪميشن سپريم ڪورٽ ۾ چونڊون 11 فيبروري تي ڪرائڻ جو اعلان ڪيو هو، چيف جسٽس چيف اليڪشن ڪمشنر کي صدر سان مشاورت ڪري حتمي تاريخ ڏيڻ جي هدايت ڪئي هئي.