بريڪنگ نيوزسنڌ

خيرپور جي مصطفيٰ ڪالوني واسين جو زمين تي قبضي خلاف احتجاجي مظاهرو

خيرپور (ڪرائيم رپورٽر) مصطفيٰ ڪالوني خيرپور جي رهواسي بختيار علي ملڪ، معشوق علي ،صدف، مهوش، فرحان علي،مسڪان ،عاليه ۽ گهر ڀاتين سميت احتجاج ڪندي چيو آهي ته اسان جي ملڪيت 7 ايڪڙ کان وڌيڪ زرعي زمين ديهه ستارو چڪ نمبر3 تعلقه خانڳڙهه ضلع گهوٽڪي ۾ واقعي آهي، جنهن زمين تي اٽڪل 8 سال اڳ  اسان جي زمين تي بااثر ماڻهن اربيلو ملڪ، ڀٽائي ڏنو، مٺل، نيڪ محمد ملڪ ۽ ٻين زبردستي هٿيارن جي زور تي قبضو ڪيو آهي، جن جي خلاف اسان سينيئر سول ڪورٽ گهوٽڪي ۾ ڪيس داخل ڪيو هو، ساڍن پنجن سالن بعد عدالت اسان جي حق ۾ فيصلو ڏيندي 2 ڌار ڌار ڊگريون اسان کي ڏنيون، اٽڪل هڪ سال اڳ  اسان مذڪوره زمين بابت ايزيوڪيشن سينئر سول جج گهوٽڪي عدالت ۾ داخل ڪيو آهي، 13 مهينا گذرڻ باوجود عدالت فيصلو نه ٿي ٻڌائي ، الٽو عدالت جي اي ڊي پي پي جاويد سيلرو ۽ سندس ساٿاري ڌمڪيون ڏئي اسان کي زمين ڀڳڙن جي مٺ عيوض وڪرو ڪرڻ لاءِ حراسان ڪيو پيو وڃي. هنن چيو ته جاويد سيلرو راڄوڻي ڪرڻ لاءِ دٻاءُ وجهي رهيو آهي، ٻي صورت ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ ،سخت نتيجا ڀوڳڻ ۽ قتل ڪرائڻ جون ڌميون ڏئي رهيو آهي، هنن چيف جسٽس آف پاڪستان، چيف جسٽس آف سنڌ هاءِ ڪورٽ کي درد مندانه اپيل ڪئي آهي ته معاملي جو نوٽيس وٺي زمين جو قبضو ڏياري اسان سان انصاف ڪيو وڃي ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي،

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button