بريڪنگ نيوزسنڌ

حرجماعت جي معزز شخصيت اڳوڻو صوبائي صلاحڪار ايڊووڪيٽ انور محمود نظاماڻي لاڏاڻو ڪري ويو

سانگھڙ (منگي ۽ وساڻ وٽان) حر جماعت جي ناليواري شخصيت، اڳوڻو صوبائي صلاحڪار، ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن جو اڳوڻو /صدر ۽ اڳوڻو حُر شاگرد اڳواڻ انور محمود نظاماڻي مختصر علالت بعد 76 سالن جي ڄمار ۾ سانگھڙ ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، مرحوم نھايت رلڻو ملڻو، ملنسار ۽ يار ويس طبيعت جو مالڪ ھو، ھن پنھنجي عملي زندگيءَ جي شروعات حر اسٽوڊنٽس فيڊريشن کان ڪئي مرحوم ڀٽي جي دور ۾ ڪيترائي ڀيرا جيلن ۾ به ويو هو، شاگرد دور پورو ٿيڻ بعد ھن وڪالت جو پيشو اختيار ڪيو بحيثيت وڪيل ھن سانگھڙ کي گئس جي رائلٽي ڏيارڻ لاءِ سپريم ڪورٽ تائين لڙي ضلع کي اھو حق ڏياريو، اڳوڻي چيف جسٽس چوڌري افتخار احمد جو به ويجھو دوست ھيو مرحوم جي جنازي نماز رات دير سان سانگھڙ ۾ پير سائين پاڳارا جي ٿلھي تي سندس فرزند ڪاشف انور نظاماڻي پڙھائي. جنازي نماز ۾ فيصلا ڪميٽي چيئرمين حاجي پير بخش جوڻيجو، خليفي علي غلام نظاماڻي، سعيد خان نظاماڻي، مراد علي نظاماڻي، ڪاشف نظاماڻي، ايڊووڪيٽ شير محمد وساڻ، شير محمد نظاماڻي، علي حسن نظاماڻي، بابر جوڻيجو سميت حُر جماعت جي معززن فنڪشنل مسلم ليگ جي اڳواڻن وڪيلن صحافين سميت زندگي جي مختلف طبقن سان واسطو رکندڙن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي،  مرحوم جي جسم خاڪيءَ کي سانگھڙ لڳ ميرپور روڊ تي منصورن فقيرن جي آبائي قبرستان ۾ ماءُ حوالي ڪيو ويو، مرحوم پونيئرن ۾ ٽي بيواھه، نو پٽ ۽ ھڪ نياڻي سوڳوار ڇڏيون ويون آهن، ھوڏانھن مرحوم جو تڏو نظاماڻي پاڙي سانگھڙ ۾ وڇايو ويو جتي وڏي پٽ منصور نظاماڻي ۽ ٻين سوڳوارن سان تعزيتي سلسلو جاري آهي.6

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button