بريڪنگ نيوزسنڌ

جمعيت علماءِ سڪندريه ضلعي شهيد بينظير آباد جو تنظيمي اجلاس منعقد

سڪرنڊ(پ-ر) جمعيت علماءِ سڪندريه ضلعو شھيد بينظير آباد نواب شاھ جو ساليانو تنظيمي اجلاس مدرسه فيض سڪندريه صابو راهو اسٽاپ سڪرنڊ ۾ مولانا فقير محمد يونس سڪندري ۽  مفتي قربان علي سڪندري جي صدارت هيٺ ٿيو. اجلاس ۾ خاص مھمان مولانا فقير محمد آدم سڪندري،مفتي اسد علي سڪندري، مولانا علي نواز سڪندري، مولانا فقير غلام ڪبريا سڪندري،فقير الله ورايو سڪندري، قربان علي سڪندري، فقير عرفان علي سڪندري، مفتي تاج محمد سڪندري ، مولانا علي نواز سڪندري،مرڪزي عالمن ۽ ضلعي سڪندري عالمن حافظن سڳورن شرڪت ڪئي، اجلاس کي خطاب ڪندي عالم سڳوران چيو ته  جمعيت علماءِ سڪندريه پاڪستان جي منشور مطابق خدمتون سرانجام ڏيڻ جا پابند آهيون، اعلي حضرت پيرسائين پاڳارا جن  جيڪي به احڪام مرڪز طرفان  ملندا اسان اھي ذميواريون سمجھي پورا ڪنداسون ،سڪندري سني اصلاحي پروگرام جاري آهن وڌيڪ اضافو ڪنداسون ، مسجدون مڪتب مدرسا آباد آھن جمعيت علماءِ سڪندريه جي اجلاس ۾ مولانا محمد رمضان سڪندري، فقير غلام قادر سڪندري، فقير فيض محمد ، مٺل سڪندري، نظير احمد سڪندري، عنايت الله سڪندري ، حافظ جميل سڪندري، خالد حُسين سڪندري ، عبد القدير سڪندري، حافظ عبدالرحيم سڪندري ، غازي خان سڪندري ، حافظ محبت علي سڪندري ، حافظ دلشير احمد سڪندري ، حافظ امداد علي سڪندري ،غلام رسول سڪندري ، حافظ اعجاز احمد سڪندري ، حافظ اياز علي سڪندري، غلام حسين سڪندري، حافظ محمد رفيق سڪندري، حافظ محمد اسلم سڪندري، حافظ مير خان سڪندري، ديني ڪاميٽيءَ جو اڳواڻ فقير وقار علي راھو ، فقير محمد قاسم ھنڱورو،  فقير احمد ڀٽي ،حافظ شير محمد سڪندري ۽ ٻين شرڪت ڪئي آخر ۾ اعليٰ حضرت پير سائين پاڳارا حُر جماعت اھل سنت و جماعت، وطن پاڪستان عالم اسلام فلسطين غزه مسلمانن ڀائرن جي لاءِ دعائون گهريون ويون.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button