بريڪنگ نيوزسنڌ

معزز شخصيت حاجي صدرالدين سولنگي برادري سميت فنڪشنل ليگ ۾ شامل

سٺ ميل (ن م) دوڙ شھر جي معزز شخصيت حاجي صدرالدين سولنگي پنھنجي برادري سميت فنڪشنل ليگ ۾ شموليت اختيار ڪئي. دوڙ شھر جي معزز شخصيت حاجي صدرالدين سولنگي پنھنجي ڀائرن اولاد ڀائٽين ڀاڻيجن ۽ ٻين عزيزن سميت اعليٰ حضرت پير سائين پاڳارا جي قيادت تي مڪمل اعتماد ڪندي فنڪشنل مسلم ليگ دوڙ جي صدر سيد شفيق احمد شاھ جيلاني جي موجودگيءَ ۾ پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل ۾ شموليت جو اعلان ڪيو. ساڻن گڏ غلام علي سولنگي خادم حسين سولنگي علي محمد سولنگي بدرالدين سولنگي شوڪت حسين سولنگي ارشاد علي سولنگي وڪيل علي سولنگي شڪيل علي سولنگي ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. ان موقعي تي فنڪشنل ليگ اڳواڻ سيد شفيق احمد شاھ چيو ته اسان سندس ان ڪيل فيصلي جي ڀرپور آجيان ڪندي کين جي دل جي گهرائين سان ڀليڪار ڪيون ٿا ۽ خوشي جو اظھار ڪيون ٿا.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button