بريڪنگ نيوزقومي

آءِ ايم ايف کان پاڪستان کي هڪ ارب 20 ڪروڙ ڊالر جي پهرين قسط ملي وئي، ناڻي جي مٽا سٽا جي ذخيرن ۾ اضافو، ڊالر جي اگهه ۾ لاٿ

اسلام آباد (بيورو/ اين اين آءِ) آءِ ايم ايف کان پاڪستان کي قرض پروگرام تحت هڪ ارب 20 ڪروڙ ڊالرن جي پهرين قسط ملي وئي. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار چيو ته آءِ ايم ايف قرض پروگرام جي هڪ ارب 20 ڪروڙ ڊالرن جي پهرين قسط اسٽيٽ بئنڪ ۾ منتقل ڪري ڇڏي آهي. هن ٻڌايو ته آءِ ايم ايف پروگرام تحت پاڪستان کي 3 ارب ڊالر ملڻا آهن، آءِ ايم ايف جو پروگرام 9 مهينن جو آهي، هلندڙ هفتي اسٽيٽ بئنڪ جي ذخيرن ۾ 4 ارب 20 ڪروڙ ڊالرن جي واڌ ٿي آهي، اميد ته سڀاڻي ناڻي مٽاسٽا جا ذخيرا 13 ۽ 14 ارب ڊالرن جي وچ ۾ هوندا، ان حوالي سان اسٽيٽ بئنڪ پنهنجي رپورٽ جاري ڪندي. سندس چوڻ هو ته قرض پروگرام جا باقي هڪ ارب 80 ڪروڙ ڊالر پوءِ ملندا، آءِ ايم ايف سان ڳالهه ٻولهه ۾ وزيراعظم جو اهم ڪردار رهيو، حڪومتي ٽيم به ان سفر ۾ ڀرپور ساٿ ڏنو. پاڪستاني رپئي جي ڀيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جي اگهه ۾ لاٿ جو سلسلو اڄ به جاري رهيو. اڄ انٽر بئنڪ ۾ ڪاروبار جي شروعات تي ڊالر 3 رپيا 48 پئسا گهٽ ٿي 274 رپين جو ٿي ويو، لاهن چاڙهن کانپوءِ ڊالر 275 رپين 50 پئسن تي بند ٿيو، انٽر بئنڪ ۾ گذريل ڏينهن ڊالر 277 رپين 48 پئسن تي بند ٿيو هو. هوڏانهن اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر 2 رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ 279 رپين جو ٿي ويو آهي. ناڻي واري وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته آئي ايم ايف کان پاڪستان کي هڪ ارب 20 ڪروڙ ڊالر جي پهرين قسط موصول ٿي وئي اميد آهي ته 14 جولاءِ تي پاڪستان جا ناڻي مٽا سٽا جا ذخيرا 13 کان 14 ارب ڊالر جي وچ ۾ ڪلوز ٿيندا صحافين سان ڳالهائيندي اسحاق ڊار چيو ته قوم کي معلوم آهي ته گذريل رات واشنگٽن ۾ آئي ايم ايف جي ايگزيڪيوٽو بورڊ قرض پروگرام جي منظوري ڏئي ڇڏي. هي 9 مهينن جو پروگرام آهي جنهن موجب پاڪستان کي 3 ارب ڊالر ملڻا آهن هن چيو ته آئي ايم ايف سان اسٽينڊ باءِ معاهدي ۾ اهو طئي ٿيو هو ته شروعاتي قسط هڪ ارب 20 ڪروڙ ڊالر هوندي ۽ هڪ ارب 80 ڪروڙ ڊالر جي باقي رقم ٻن جائزن کان پوءِ ملندي. جيڪي نومبر ۽ فيبروري ۾ ٿيندا. هن چيو ته مان اهو ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته هڪ ارب 20 ڪروڙ ڊآلر جي پهرين قسط آئي ايم ايف اسٽيٽ بئنڪ جي اڪائونٽ ۾ منتقل ڪري ڇڏي آهي اسحاق ڊآر چيو ته ان سان پاڪستان جا ناڻي مٽا سٽا جا ذخيرا بهتر ٿيندا ۽ جمعي تي ڪلوزنگ جي وقت اڃا وڌيڪ بهتري نظر ايندي هن چيو ته هلندڙ هفتي اسٽيٽ بئنڪ جي ذخيرن ۾ نج چار ارب 20 ڪروڙ ڊالر جو اضافو ٿيو آهي اميد آهي ته 14 جولاءِ تي پاڪستان جا ناڻي مٽا سٽا جا ذخيرا 13 کان 14 ارب ڊآلر جي وچ ۾ ڪلوز ٿيندا ناڻي واري وزير چيو ته هن موقعي مان فائدو وٺندي مان وزيراعظم شهباز شريف جو شڪريو ادا ڪرڻ چاهيان ٿو جنهن گذريل 8 مهينن کان آئي ايم ايف سان ان حوالي سان هلندڙ سموري عمل ۾ ڪردار ادا ڪيو. هن چيو ته آئي ايم ايف سان اهو طئي ڪيو ته نائين جائزي بدران هڪ ننڍو اسٽينڊ باءِ معاهدو ڪريون جيڪڏهن نئون جائزو ٿئي ها ته پاڪستان کي 10 ارب ڊالر نه ملڻا هئا اسحاق ڊار چيو ته جون جي آخر ۾ آئي ايم ايف سان هي معاهدو طئي ٿيو جنهن کي 9 مهينن تائين محدود ڪيو ويو آهي ته جيئن جيڪا به نئين حڪومت اچي اها پنهنجا فيصلا ڪري سگهي. هن چيو ته مان پنهنجي معاشي ٽيم جو به شڪرگذار آهن جنهن 8 مهينن جي مشڪل وقت ۾ وڌ ۾ وڌ ساٿ ڏنو وزيراعظم شهبازشريف جو گهڻو سهڪار به رهيو ۽ الحمدالله آئي ايم ايف جي ٽن قسطن مان پهرين قسط اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي اڪائونٽ ۾ پهچي چڪي آهي.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button