بريڪنگ نيوزقومي

چونڊ سڌارن بابت پارلياماني ڪميٽي 99 سيڪڙو ڪم مڪمل ڪري ورتو:اعظم نذير تارڙ

اسلام آباد(م ڊ) قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته چونڊ سڌارن بابت پارلياماني ڪميٽي 99 سيڪڙو ڪم مڪمل ڪري ورتو آهي، سمورن نقطن تي اتفاق ٿي ويو آهي، سياسي پارٽين تي پابندي جو معاملو ڪميٽي جي ايجنڊا مان هٽايو ويو آهي. چونڊ سڌارن واري ڪميٽي جو اجلاس خميس ڏينهن چيئرمين اياز صادق جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ قانون وارو وزير نذير تارڙ، سينيٽر تاج حيدر ۽ تحريڪ انصاف جي سينيٽر علي ظفر سميت ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي، اجلاس ٻن وڳي تائين جاري رهيو. اڌ ڪلاڪ دوران مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي جن ۾ چونڊون بروقت ڪرائڻ، سڌارن، ڌانڌلي کي روڪڻ لاءِ قدمن ۽ سمنڊ پار پاڪستانين جي ووٽ جو حق شامل آهي.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button