بريڪنگ نيوزسنڌ

15 سال سنڌ واسين سان ظلم ڪيو ويو، روٽي ڪپڙا مڪان نالي عوام کي گمراھ ڪيو ويو: سيد محمد راشد شاهه

پير جو ڳوٺ (خلجي وٽان) پي ايس 31 ۾ پيپلزپارٽيءَ کي وڏو ڌچڪو، شر برادريءَ جي سوين ماڻھن پيپلزپارٽيءَ کي الوداع چئي جي ڊي اي ۾ شموليت اختيار ڪري ڇڏي. اعليٰ حضرت پير سائين پاڳارا جي صاحبزادي ۽ جي ڊي اي پي ايس 31 جي اميدوار سيد محمد راشد شاھ يوسي ڪوٽ مير محمد جي ڳوٺ امام بخش شر پھتو، جتي شر برادريءَ جي چڱي مڙس غلام محمد شر سموري برادريءَ جي سوين ماڻھن سان پيپلز پارٽيءَ کي الوداع چئي مسلم ليگ فنڪشنل ۾ باضابطه طور شموليت جو اعلان ڪري ڇڏيو. سيد محمد راشد شاھ ڳالھائيندي چيو ته شر برادريءَ کي وقتائتي فيصلي ڪرڻ تي ڀليڪار ڪيون ٿا. مون کي خوشي آھي ته عوام سجاڳ ٿيو آھي انشاءَ الله اھو ڏينھن پري ناھي جو سنڌ واسين جي ڪرپٽ ظالم حڪمرانن مان جان آجي ٿيندي. ھن چيو ته ھتان جي عوام سان پنھنجائپ جو رشتو آھي ڪھڙو به مشڪل وقت ھجي پير سائين پاڳارا ھتان جي عوام سان ھر ڏک سک ۾ اڳڀرو رھيا آھن، گذريل برسات ۽ ٻوڏ جي ڏينھن ۾ حڪومت غائب ھئي اعليٰ حضرت پير سائين پاڳارا پنھنجا دروازا کولي ڇڏيا ھئا. ھن چيو ته 15 سال سنڌ واسين سان ظلم ناحق ڪيو ويو. روٽي ڪپڙا مڪان جي نالي عوام کي گمراھ ڪيو ويو. ھاڻي عوام کين سمجھي ويو آھي، ھن چيو ته شر برادري جا جتي جتي واسطيدار آھن اھي انھن کي تبليغ ڪن ته ھو جي ڊي اي اميدوارن کي ڪامياب ڪرائين ته جيئن ترقي خوشحالي جو دور شروع ٿي سگھي، حضرت علي ڪرم الله وجهه الڪريم جو فرمان آھي ته جيڪو آزمايل کي آزمائيندو اھو اسان مان نه ھوندو. ھاڻي عوام پيپلزپارٽيءَ کي بار بار آزمائي چڪو آھي. ھن ڀيري عوام کي فيصلو ڪرڻو پوندو. ان موقعي تي سيد گل محمد شاھ، وڏيرو محمد ڇٽل ڀنڊ، وڏيرو غلام شبير گھمرو، مير ممتاز ٽالپر، سيد غوث محمد شاھ ، پروفيسر عبدالخالق جتوئي، سرفراز ڀنڊ ۽ ٻيا ساڻس گڏ ھئا.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button