بريڪنگ نيوزسنڌ

کڏڙو ۾معصوم نينگر سان مبينا بدفعلي ، حالت خراب،احتجاج ۔

کڏڙو( ن م ) ڄام صاحب واسي معصوم نينگر سان کڏڙو ٿاڻي جي حد ۾ نامعلوم جوابدار پاران زبردستي جنسي زيادتي ۔ رت سان ڀريل نينگر وارثن سميت کڏڙو ٿاڻي تي پھتو ۔ کڏڙو پوليس ميڊيڪل ليٽر جاري ڪري سنجھورو روانو ڪري ڇڏيو ۔  پوليس پاران ڪيس داخل نه ڪرڻ خلاف زيادتي جو شڪار نينگر جي وارثن جو عورتن سميت کڏڙو ٿاڻي آڏو احتجاجي مظاھرو ۔ ڪيس داخل ڪري جوابدار جي گرفتاري جو مطالبو. ۔ ميڊيڪل ليٽر جاري ڪيو آھي ۔ سرٽيفڪيٽ اچڻ تي ڪيس داخل ڪيو ويندو ۔.  کڏڙو ٿاڻي جي حد ديھه 3 جمڙائو ڄام صاحب پريتم آباد روڊ تي  ڄام صاحب شھر جي رھواسي شئي وڪرو ڪندڙ پورھيت 10سالن جي نينگر نظير علي ولد غلام شبير پلھه سان نامعلوم جوابدار پاران شئي  وٺڻ جي بھاني مبينا نموني زوري جنسي زيادتي جو نشانو بڻائي کيس رتورت ڪري ڇڏيو  جنھن بعد نينگر جا وارث نينگر کي کڻي کڏڙو ٿاڻي تي پھتا کڏڙو پوليس نينگر کي ميڊيڪل ليٽر ڏئي تعلقه اسپتال سنجھورو روانو ڪري ڇڏيو. ۔ ھوڏانھن نينگر جي وارثن پاران عورتن سميت کڏڙو ٿاڻي آڏو احتجاجي مظاھرو ڪندي دانھيندي مطالبو ڪيو ته واقعي جو ڪيس داخل ڪري جوابدار کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي.1 ۔

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button