بريڪنگ نيوزسنڌ

جروار ۾يارولنڊ ڳوٺاڻي جو گهر ڀاتين سميت بااثر وياج خورن خلاف احتجاج

جروار ( ن م )يارولنڊ ٿاڻي جي حد ڳوٺ لعل پتافي جي ڳوٺاڻي مصري فقير پتافي  فرمان پتافي  مائي سبحانه پتافي ۽ ٻين صحافين آڏو دانهيندي چيو ته اسان کي وياج خورن بااثرن حسن پتافي الله ورايو پتافي اسان جي زندگي زهر ڪري ڇڏي آهي روز گهر تي حملا ڪري تنگ ڪن ٿا 30 لکن جو قرض ڪڍي اسان جي سارين  جو ديرو به روڪي ڇڏيو اٿن  اسان ڪيترا ڀيرا  پاڪ ڪتاب کڻي يارو لنڊ ٿاڻي تي ويا آهيون پر پوليس مدد نه ٿي ڪري اسان جي مدد ڪئي وڃي. هنن ايس ايس پي گهوٽڪي انور کيتران کان  مطالبو ڪيو ته فوري طور نوٽيس وٺي بااثر وياج خور خلاف ڪارروائي اسان کي انصاف فراهم ڪري وياج خور کان جند آجي ڪرائي وڃي.1

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button