بريڪنگ نيوزسنڌ

حيدرآباد ۾ ويگو گاڏي جي ٽڪر ۾ نوجوان وڪيل کي زخمي ڪندڙ جوابدار گرفتار نه ٿيو

حيدرآباد( اسٽاپ رپورٽر) ڪجهه ڏينهن اڳ واڌو واهه روپا ماڙي وٽ رات جو دير سان هڪ ويگو گاڏي ڊائريڪٽر جنرل انفارميشن سنڌ سوائي خان ڇلڳري جي فرزند نوجوان وڪيل غلام حسين ڇلڳري کي ٽڪر هڻي زخمي ڪري ڇڏيو هو، زخمي نوجوان کي حيدرآباد جي اسپتال ۾ داخل ڪرڻ بعد کيس وڌيڪ علاج لاءِ ڪراچي ريفر ڪيو ويو، واقعي واري جاءِ تي موجود ماڻهن جو چوڻ آهي ته ويگو گاڏي هلائيندڙ هڪ ڪاروباري شخصيت جو پٽ هو، جيڪو نوجوان وڪيل کي زخمي ڪرڻ بعد گاڏي سميت واقعي واري جاءِ تان فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، جنهن کي حد جي پوليس اڃان تائين گرفتار نه ڪري سگهي آهي، جوڊيشل مجسٽريٽ 8 حيدرآباد وڪيل جي حادثي جو نوٽيس وٺي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي، ان کان علاوه سنڌ بار ڪائونسل، ملير بار ڪائونسل ۽ ڪراچي بار ڪائونسل پڻ هڪ قرارداد پاس ڪندي زخمي وڪيل سان همدردي جو اظهار ڪندي،حادثي ۾ ملوث جوابدار کي گاڏي سميت گرفتار ڪري قانوني جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ جو مطالبو ڪيو آهي، ٻئي طرف ڊي آءِ جي حيدرآباد ڊائريڪٽر جنرل انفارميشن سنڌ سوائي خان ڇلڳري سان فون تي رابطو ڪندي جوابدار کي گرفتار ڪرڻ جو يقين ڏياريندي چيو آهي ته فرار ٿيل جوابدار ڀلي ڪيترو به بااثر ڇو نه هجي ان کي جلد کان جلد گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button