بريڪنگ نيوزقومي

خيبر پختونخواهه جو نگران وڏو وزير محمد اعظم خان لاڏاڻو ڪري ويو

پشاور (م ڊ) خيبر پختونخوا جو نگران وڏو وزير محمد اعظم خان لاڏاڻو ڪري ويو،گذريل ڏينهن کيس طبيعت خراب ٿيڻ سبب خانگي اسپتال منتقل ڪيو ويو هو. طبي عملي جو چوڻ آهي ته اعظم خان مختلف قسم جي بيمارين ۾ مبتلا هو، کيس بخار، ڊائريا جي شڪايت هئي جنهن سبب هو گذريل ڏينهن صوبائي ڪابينا جي اجلاس ۾ به شرڪت نه ڪري سگهيو هو. آءِ ايم اي اسپتال جي ترجمان شبير شاهه جو چوڻ آهي ته گذريل رات نگران وڏي وزير کي اسپتال منتقل ڪيو ويو. جتي هن دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو. نگران وڏي وزير محمد اعظم خان جو تعلق چار سده سان هو ۽ هو رٽائرڊ بيورو ڪريٽ هو، سندس جنازي نماز چارسده ۾ ادا ڪئي ويندي. ياد رهي ته محمد اعظم خان 21 جنوري 2023ع تي خيبرپختونخوا جي نگران وڏي وزير طور قسم کنيو هو. ٻئي پاسي صدر عارف علوي، نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ، اڳوڻي صدر آصف علي زرداري، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر ۽ ٻين خيبر پختونخوا جي نگران وڏي وزير محمد اعظم خان جي لاڏاڻي تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button