بريڪنگ نيوزسنڌ

حيدرآباد ويجھو پورھيت شخص جو گھر مان ڦاھو کاڌل لاش ھٿ

حيدرآباد(اسٽاف رپورٽر)حيدرآباد جي پنڃاري ٿاڻي جي حد نوراني بستي گتا گرائونڊ ويجھو پورھيت شخص جو گھر جي باٿروم مان ڦاھو کاڌل لاش ھٿ، وارثن لاش سول اسپتال منتقل ڪرڻ بعد پنڃاري پوليس کي واقعي بابت اطلاع ڏنو. فوتي شخص جي سڃاڻپ 42 ورھين جي مقصود احمد پٽ محمود قريشي طور ٿي. ٻڌايو پئي ويو ته فوتي ٻن ٻارن جو پي ھو ۽ ھو سيل ميني ڪري گھر جو گزر صفر ڪندو ھو. فوتي شخص جي ڀاءُ دانش ۽ عزيز فيض محمد جو چوڻ ھو ته فوتي کي فون ڪال ذريعي موتمار ڌمڪيون ملنديون ھيون جنھن جي ڪري ھو ڪافي پريشان رھندو ھو، ھنن جو چوڻ ھو ته فوتي موتمار ڌمڪين کان پريشان ٿي آپگھات ڪيو آھي جنھن جي جاچ ڪرائي وڃي، پنڃاري پوليس ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪري ڇڏيو، پوليس جو چوڻ ھو ته معاملي جي جاچ ڪئي پئي وڃي.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button