بريڪنگ نيوزسنڌ

شهدادپور ڀرسان 15 سالن کان بند ڊسپينسري جو افتتاح ڪيو ويو

شھدادپور(س ر )شھدادپور لڳ ڳوٺ جمال فقير خاصخيلي ۾ گذريل 15 سالن کان بند پيل ڊسپينسري جو افتتاح ڊپٽي ڊي ايڇ او سانگهڙ سينيئر ڊاڪٽر اسلم مجيد ڇٽو ۽ ڳوٺ جي نيڪ مرڊ علي گل خاصخيلي عاشق خاصخيلي پ ٽ الف  تعلقي شھدادپور جو اڳوڻو صدر عبدالقادر خاصخيلي ڪيو. ڳوٺ جمال فقير خاصخيلي ۾ ڊسپينسري جو افتتاح ڊپٽي ڊي ايڇ او سانگھڙ ڊاڪٽر محمد اسلم مجيد ڇٽو، نيڪ مرد علي گل خاصخيلي، عبدالقادر خاصخيلي، عاشق خاصخيلي ڪيو. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته گذريل 15سالن کان ڳوٺ جا ماڻھو علاج معالجي لاءِ پريشان ھئا معمولي بخار لاءِ بـ 8 ڪلو ميٽر پنڌ ڪري شھدادپور اچڻو پوندو ھو اسان ٿورائتا آھيون اڳوڻو ايم پي اي مسلم ليگ فنڪشنل صوبائي اڳواڻ فقير محمد بخش خاصخيلي، ڊي ايڇ او ڊاڪٽرفيض محمد مري، ڊپٽي ڊي ايڇ او ڊاڪٽر محمد  اسلم مجيد ڇٽو جن جي ڪاوشن سان اسان جي ڳوٺ جو  مسئلو حل ڪري اسان جون مشڪلاتون آسان ڪيون. وڏيرو عاشق حسين خاصخيلي، عبدالقادر خاصخيلي ـ عبدالرزاق خاصخيلي ـ ممتاز خاصخيلي ۽ ٻين پنھنجي خطاب ۾ اهڙو  اظھار ڪيو. ھوڏانھن ڊپٽي ڊي ايڇ او ڊاڪٽر  اسلم مجيد ڇٽو ڳوٺ پھچي ڊسپينسري جو افتتاح ڪيو ۽ ميڊيسن ھينڊ اوور ڪيون ۽ عملو بـه مقرر ڪيو ڊاڪٽر افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي چيو تـ اسان جي وڌ کان وڌ اھا ڪوشش آھي تـ ٻھراڙي جي عوام کي بيسڪ ھيلٿ جون سھولتون مھيا ڪري ڏيون  اوھان جي ڳوٺ لاءِ اڳوڻو ايم پي اي فقيرمحمد بخش خاصخيلي، ڊي ايڇ او ڊاڪٽر فيض محمد مري جي ڪوششن سان افتتاح ڪيو پيو وڃي. ھن وڌيڪ چيو تـه بلڊنگ جي حالت خستـه آھي ھن جي رپئئرنگ لاءِ اسان مٿي اعليٰ اختيارين کي فزيبلٽي ٺاھي موڪلي آھي انشاءَالله جلد از جلد اسپتال جو ڪم شروع ٿي ويندو آخر ۾ دعا خير گھري وئي ۽ مڊيسن ڳوٺ جي نيڪ مرد جي حوالي ڪئي وئي.1

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button