بريڪنگ نيوزقومي

اڪيلي سر ڪو به ملڪ ترقي نٿو ڪري سگهي،گڏجي ڪم ڪرڻ سان ئي ترقي ممڪن آهي: مرتضيٰ سولنگي

اسلام آباد (بيورو)  پاڪستان ۽ چين جا لاڳاپا هميشه سدا بہار رهيا آهن. نئين سال جي شروعات تي عوامي جمهوريه چين جي صدر شي جن پنگ جي پيغام کي ڀليڪار ڪريان ٿو. صدر شي جن پنگ جو عالمي ترقي جو ويزن پڻ سندس نئين سال جي پيغام ۾ واضح آهي. اڪيلي سر دنيا کان سواءِ ڪو به ملڪ ترقي نٿو ڪري سگهي. گڏجي ڪم ڪرڻ سان ئي ترقي ممڪن آهي. ترقي جو ثمر ۽ فائدو تڏهن ئي ملندو آهي جڏهن ترقي محدود نه هوندي آهي. مرتضيٰ سولنگي چيو ته صدر شي جي نظريي ان نظريي جي نفي آهي ته ملڪ ٻين ملڪن کي پوئتي رکڻ سان ئي ترقي حاصل ڪري سگهي ٿو. مرتضيٰ سولنگي چين جي بيلٽ اينڊ روڊ منصوبي کي دنيا ساراهيو آهي. مرتضيٰ سولنگي سي پيڪ منصوبي سان پاڪ چين لاڳاپا نئين دور ۾ داخل ٿيا. مرتضيٰ سولنگي چيو ته انفارميشن ٽيڪنالاجي، مائننگ، اسپيشل اڪنامڪ زونز، زراعت، زرعي بنيادن تي صنعت ۽ سياحت جي شعبن ۾ تعاون ترقي ڪري رهيو آهي. ريڊيو پاڪستان ۽ چائنا ريڊيو انٽرنيشنل جي وچ ۾ تعاون جي نتيجي ۾ اسان جا پروفيشنل چين ويا ۽ پنهنجي چيني ڀائرن سان ڪم ڪرڻ جا خوشگوار تجربا ورتا. مرتضيٰ سولنگي چيو ته پاڪ چين اقتصادي راهداري (سي پيڪ) منصوبن جا مقامي ماڻهن جي زندگين تي مثبت اثر پيا آهن.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button