بريڪنگ نيوزقومي

نگران وزيراعظم جي مقري ۽ ان جو اعلان آئين ۾ ڏنل طريقيڪار مطابق ٿيندو: مريم اورنگزيب

اسلام آباد (اين اين آءِ) سڌسماءَبابت وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته نگران وزيراعظم جي مقرري ۽ ان جو اعلان پاڪستان جي آئين ۾ ڏنل طريقيڪار مطابق ٿيندو پنهنجي بيان ۾ مريم اورنگزيب چيو ته وزيراعظم ان حوالي سان قائد مسلم ليگ (ن) محمد نواز شريف سان رهنمائي ۽ حڪومت ۾ شامل اتحادي پارٽين سان صلاح مشورا ڪندو هن چيو ته آئين مطابق وزيراعظم ۽ مخالف ڌر اڳواڻ صلاح مشوري سان ئي عمل مڪمل ڪندا.سڌسماءَ بابت وفاقي وزير مريم اورنگزيب ميڊيا ورڪرز ۽ صحافين لاءِ هيلٿ انشورنس جو آن لائن فارم جاري ڪري ڇڏيوآ هي حڪومت پهريون ڀيرو وفاقي بجيٽ ۾ ورڪنگ جرنسلٽس جي هيلٿ انشورنس لاءِ هڪ ارب روپيا رکيا آهن آن لائن رجسٽريشن فارم پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ جي ويب سائيٽ تي موجود آهي صحافي آن لائن هيلٿ انشورنس فارم جي ذريعي پنهنجي رجسٽريشن ڪرائي سگهندا جڏهن ته وفاقي وزير چيو ته سڄي پاڪستان ۾ ورڪنگ جرنلسٽس جي رجسٽريشن جو عمل شروع ڪيو پيو وڃي 7 آگسٽ تي وزراعظم ان عمل جو باقاعده افتتاح ڪندو هيلٿ انشورنس جي اسڪيم رڳو پريس ڪلب جي ميمبرن لاءِ ناهي سمورن صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز لاءِ آهي منصوبو پوري پاڪستان لاءِ آهي هيلٿ انشورنس جي رجسٽريشن لاءِ ڪنهن صحافي جو پريس ڪلب جو ميمبر هجڻ لازمي نه آهي سڄي ملڪ جا صحافي رجسٽريشن شروع ڪن الحمدالله موجوده دور ۾ صحافين کي چماٽ به ناهي هنئي وئي. پاسيريون ناهن ڀڳيون گوليون ناهن لڳيون پيمرا ترميمي بل 2023 جي تياري ۾ سمورا اسٽيڪ هولڊر شامل هئا ڪنهن به بل جي مخالفت نه ڪئي ۽ نه ئي ڪو بيان ڏنو پيمرا ترميمي بل 2023 تي هڪ مخصوص ٽولو پروپيگنڊا ڪري رهيوآهي سومر تي سڌسماءَ بابت وفاقي وزير صحافين سان گڏ آن لائن رجسٽريشن فارم جاري ڪيو ان موقعي تي پرنسپل انفارميشن آفيسر مبشر حسن به موجود هو وفاقي وزير سيڪريٽري اطلاعات سهيل علي خان ۽ پي آئي او مبشر حسن ۽ وزارت اطلاعات جي پوري ٽيم کي مبارڪ ڏني ۽ چيو ته پي آئي او ۽ ان جي ٽيم جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن وفاقي وزير چيو ته پي آئي او گهٽ عرصي ۾ سمورن قانونن کي نظر ۾ رکندي ميڊيا ورڪرز لاءِ انشورنس پاليسي جاري ڪرڻ کي ممڪن بڻايو هن چيو ته وزيراعظم صحافين جي هيلٿ جي سهولت لاءِ انشورنس ڏيڻ جو فيصلو ڪيو اطلاعات وارت کي ذميواري ڏني ته ان تي عمل ڪرايو وڃي هڪ فارم پوري پاڪستان ۾ ورڪنگ جرنلسٽس جي رجسٽريشن جو عمل اڄ کان شروع ڪيو پيو وڃي 7 آگست تي وزيراعظم ان عمل جو باقاعده افتتاح ڪندو جنهن کان پوءِ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي مريم اورنگزيب چيو ته وزيراعظم عامل صحافين لاءِ هڪ ارب رپين جا فنڊ رکيا آهن صحافين ورڪنگ جرنلسٽس ۽ فنڪارن لاءِ هيلٿ انشورس وزيراعظم جو ويزن هو.7

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button