بريڪنگ نيوزسنڌ

ٽي ڀيرا ناڪام رهندڙ شخص کي چوٿون ڀيرو ملڪ تي مڙهڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي:بلاول ڀٽو

خيرپور(تسليم مغل/ارشد راجپوت وٽان) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته چونڊن ۾ اسان جو مقابلو رت چوسيندڙ شينهن سان آهي، خيرپور ۾ چونڊ جلسي کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته مان سڄي ملڪ مان پ پ اميدوارن جي چونڊ ڪري چڪو آهيان، صحيح چونڊ ڪئي يا غلط پر اهي ئي اسان جا اميدوار آهن، جيڪڏهن ڪنهن اميدوار کان ڪا غلطي ٿي آهي ته معاف ڪيو،هن چيو ته تير جو مقابلو عوام جو رت چوسيندڙ شينهن سان آهي، عوام تير جي اميدوارن کي کٽرائي، ڪم مان ڪندس، لاهور جا پراڻا سياستدان اڄ تائين نفرت ۽ ورهاست جي پراڻي سياست ڪري رهيا آهن، اسان حڪومت ٺاهي عوامي راڄ قائم ڪنداسين، انتقام ۽ ورهاست جي سياست نه هلندي، سندس چوڻ هو ته لاهور ۾ گمبٽ جهڙي هڪ به اسپتال ناهي، 18هين ترميم ۾ صوبن کي منتقل 17 شعبن جون وزارتون اڄ به وفاق ۾ هلي رهيون آهن، خبردار ڪري رهيو آهيان 9 فيبروري تي پ پ جي حڪومت ٺهندي،بلاول ڀٽو زرداري چيو ته 18 مهينن جي حڪومت ۾ جيڪي اسان جا اتحادي هئا، انهن عوام سان دوکو ڪيو، عوام ايڏي وڏي اڪثريت ڏياري جو ڪنهن جي مدد جي ضرورت نه پئي، ڪالهوڪي عدالتي فيصلي کانپوءِ عوام تير کي ووٽ ڏئي، هاڻ رڳو ٻه جماعتون آهن، عوام پنهنجو ووٽ ضايع نه ڪري،عوام کي فيصلو ڪرڻو آهي ته کيس نئين سياست گهرجي يا پراڻي سياست، پاڪستان ۾ معاشي بحران سان گڏ دهشتگردي به ڪر کڻي چڪي آهي، پي ٽي آءِ جو باب هميشه لاءِ ختم ٿي ويو، هاڻي اليڪشن جي ميدان ۾ رڳو پيپلز پارٽي ۽ ن ليگ بچيون آهن ،8 فيبروري تي پنهنجا حق ڇني عوامي حڪومت ٺاهينداسين، پاڪستاني عوام ڪنهن جو غلام ناهي،اسلام آباد ۾ ويٺل حڪمرانن مان عوام خوش ناهي، پرڏيهي سطح تي پاڪستان خلاف سازشون ٿي رهيون آهن .

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button