بريڪنگ نيوزسنڌ

ميئر ڪراچي جون سموريون سرڪاري آفيسون هڪ هنڌ منتقل ڪرڻ ۽ وڪيلن کي صحت ڪارڊ جاري ڪرڻ جو اعلان

ڪراچي (م ڊ) ميئر ڪراچي سرڪار آفيسون هڪ هنڌ منتقل ڪرڻ جو منصوبو پيش ڪرڻ سان گڏوگڏ وڪيلن کي صحت ڪارڊ جاري ڪرڻ جو اعلان به ڪري ڇڏيو، ڪراچي ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ بار جي تقريب کي خطاب ڪندي مرتضيٰ وهاب چيو ته وڪيل اسان جو ساٿ ڏين ته جيئن وڌيڪ بهتر طريقي سان عوام جي خدمت ڪري سگهجي، وڪيلن جي مطالبي تي ايمبولينس ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ٻاهران پارڪنگ جو مسئلو حل ٿي ويو آهي، هن چيو ته ماضيءَ ۾ حڪومتن خلاف پروپيگينڊا سبب عوام ۽ حڪومت ۾ وڇوٽيون پيدا ٿيون، اسان وڪيلن ۽ حڪومت وچ ۾ ويڇا ختم ڪيا، جڏهن ته بار ڪائونسل ان دوران پل جو ڪردار ادا ڪيو. ملڪ ۾ جاري مهانگائي ۽ علاج جي سهولتن بابت ميئر ڪراچي جو چوڻ هو ته علاج جون سهولتون گهڻيون مهانگيون ٿي ويون آهن، جلد وڪلين کي صحت ڪارڊ جاري ڪيو ويندو، مرتضيٰ وهاب وڌيڪ چيو ته حڪومت جا به مسئلا هوندا آهن هڪ وڏو مسئلو اهو آهي ته مختلف آفيسون مختلف هنڌن تي آهن، تجويز آهي ته بيرڪس ۾ عمارت ٺاهي سموريون سرڪاري آفيسون هڪ هنڌ منتقل ڪيون وڃن.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button