بريڪنگ نيوزسنڌ

سنڌ حڪومت ۾ سمورن شعبن ۾ بهترين ڪم ڪري رهي آهي، جلد ڌاٻيجي اقتصادي زون ۾ ڪم شرع ٿيندو: شرجيل ميمڻ

ڪراچي (بيورو) سنڌ جي اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري وزير شرجيل انعام ميمڻ جي سنڌ جي وڏي وزير جي  سيڙپڪاري ۽ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ بابت معاون خاص  سيد قاسم نويد قمر سان گڏ آرڪائيوز ڪمپليڪس ڪلفٽن ۾  پريس ڪانفرنس سان خطاب  ڪندي چيو آهي  ته اليڪٽرڪ بسن جا چارجر اچي ويا آهن ۽ سڀاڻي کان اهي بسون ٻيهر روڊن تي هلنديون . هن چيو ته سنڌ حڪومت پنهنجي شهرين کي بهترين سفري سهولتون فراهم ڪرڻ جي لاءِ مسلسل قدم کڻي رهي آهي ۽ ان سلسلي ۾ هڪ خوشخبري اها به آهي ته سڀاڻي کان  ڪراچي ۾ وڌيڪ بسن جو هڪ فليٽ پهچندو. شرجيل انعام ميمڻ چيو  ته پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي هدايتن تي شهري  سفري سهولتن جي فراهمي لاءِ بسن جي تعداد ۾ اضافو ٿيندو رهندو ۽ نيون بسون پراڻي بسن کي ريپليس ڪنديون. هن چيو ته بسن جي  مانيٽرنگ ايپ لانچ ٿي چڪي آهي. سنڌحڪومت عوام جي زندگي کي مهانگائي جي طوفاني دور ۾ آسان بڻايو آهي. هن چيو ته ميگا پراجيڪٽس ۾  سنڌ حڪومت سڀ کان وڌيڪ ڪم ڪيو آهي. سنڌ جي سرڪاري اسپتالن ۾ صحت جون بهترين سهولتون ميسر آهن ، افغانستان ۽  ايران جا ماڻهو به علاج لاءِ سنڌ جي سرڪاري اسپتالن مان فائدو حاصل ڪري رهيا آهن. هن ٻڌايو ته ڌاٻيجي اسپيشل اڪنامڪ زون تي ڪم شروع ڪري رهيو آهي. ڌابيجي اڪنامڪ زون سيڙپڪاري ۽ روزگار جا بيشمار موقعا آڻيندو. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ون ونڊو آپريشن ذريعي سيڙپڪارن کي سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن. سنڌ ۾ اليڪٽرڪ  بسن جو پلانٽ لڳائڻ جو تمام گهڻو امڪان آهي. ان موقعي تي وزيراعليٰ سنڌ جي سيڙپڪاري ۽ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ يونٽ بابت  معاون خاص سيد قاسم نويد قمر پريس ڪانفرنس سان خطاب ڪندي چيو ته اسان کي پنهنجي سيڙپڪارن ۽ ڪاروباري ماڻهن جي لاءِ بزنس فرينڊلي ماحول پيدا ڪرڻو آهي، جنهن لاءِ سنڌ حڪومت ڌاٻيجي اڪنامڪ زون تي  ڪافي عرصي کان ڪم ڪري رهي آهي. هن ٻڌايو ته 15 جولاءِ کان ڌاٻيجي اڪنامڪ زون جو ترقياتي ڪم شروع ڪيو ويو آهي جيڪو هڪ وڏو سنگ ميل آهي جنهن کي اسان حاصل ڪيو آهي.  سيد قاسم نويد قمرچيو ته  ڌاٻيجي کي 10 سالن لاءِ ٽيڪس هاليڊي آهي. ڌاٻيجي اڪنامڪ زون سان روزگار ۽ معاشي موقعن ۾ اضافو ٿيندو. سيد قاسم نويد قمرچيو ته ڌاٻيجي اسپيشل اڪنامڪ زون سي پيڪ منصوبو آهي ۽ ان کي ۽ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت تعمير  ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته سنڌ حڪومت پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ۾ وڏا منصوبا ڪاميابي سان مڪمل ڪيا آهن. هن چيو ته  ڌاٻيجي اسپيشل اڪنامڪ زون 1500 ايڪڙن جي ايراضيءَ تي پکڙيل آهي ۽ پورٽ قاسم، ڪراچي ايئرپورٽ ۽ مين ريلوي ٽريڪ کان ٿورڙي مفاصلي تي آهي. . هن چيو ته پنهنجي لوڪيشن ۽ امڪانن جي حوالي سان ڌاٻيجي اسپيشل اڪنامڪ زون ملڪ جو ڪامياب ترين اڪنامڪ زون ثابت ٿيندو.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button