بريڪنگ نيوزسنڌ

حُر جماعت جي معزز فنڪشنل ليگ اڳواڻ رئيس عبدالرحمان مري جو مڙهه سوين آلين اکين سان مٽيءَ ماءُ حوالي

سانگهڙ/جھول (نمائندن وٽان) حُر جماعت ۽ مسلم ليگ فنڪشنل ضلع سانگھڙ جو مشھور زميندار رئيس عبدالرحمان مري فاني جھان مان لاڏاڻو ڪري ويو. مرحوم جي جنازي نماز سانگھڙ لڳ ڳوٺ رئيس احمد خان مري ۾ مفتي عبدالرزاق سڪندري پڙهائي. جنازي نماز ۾ شرڪت ڪندڙن ۽ تعزيت ڪندڙن ۾ خليفو وريام فقير خاصخيلي، خليفو علي غلام نظاماڻي، خليفو محمد قاسم فقير مھر، حاجي خدا بخش راڄڙ، غلام دستگير راڄڙ، روزاني مهراڻ جو چيف ايڊيٽر فقير منٺار مڱريو، سعيد خان نظاماڻي، مراد علي نظاماڻي، علي حسن نظاماڻي، امير الزمان نظاماڻي، وڏيرو عبدالله مڱريو، فقير حاجي دلبر مڱريو، عبدالستار مڱريو، رسول بخش مڱريو، رئيس وزير خان مري، رئيس علي حسن مري، نظير ٺاڪر قائمخاني، نعيم قائمخاني، رضا علي مري، محسن قادر ھنڱورو، سيٺ وڪيل احمد ڀاڻوجو، رمضان ھنگورو، محمد بخش سنجراڻي، رئيس رشيد خان مري، رئيس ڪرم علي بلوچ، ڊاڪٽر محمد ھاشم خاصخيلي، رسول بخش جنجھه، رئيس علي خان چانگ، رئيس زاھد حسين جلالاڻي، غلام قادر ڪوري، علي محمد ڪوري، گلاب وساڻ، وقار جٽ سميت سياسي سماجي اڳواڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. مرحوم کي سوين الين اکين سان اباڻي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. مرحوم جي ڀائرن رئيس گلاب خان مري، رئيس ولي محمد خان مري، رئيس عبدالجبار خان مري ۽ ڀائٽين ۾ رئيس علي جان مري، رئيس عبداللطيف مري سان تعزيت جو سلسلو ھلندڙ آهي.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button