بريڪنگ نيوزسنڌ

ملير ۾ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جي ٺيڪيدارن جو رهتون نه ملڻ خلاف مظاهرو، ڌرڻو

ملير (رپورٽ: شهزادو مستوئي) ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ڪراچي جي ٺيڪيدارن پاران 90 ڪروڙ رپين جون رهتون نه ڏيڻ خلاف  ڊپٽي مئير ڪراچي جي ڪئمپ آفيس ۽ گڏاپ ٽائون  ڪارپوريشن ڪئمپ آفيس ٻاهران  اڳوڻي ايڊمسٽريٽر نورحسن جوکيو ۽ آفيسر آڊٽ فريد علي اڪائونڊنٽ آفيسر افتخار ، ايڊمن آفيسر علي بلوچ ۽ ٻين آفيسرن خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ، احتجاجي مظاهري ۽ ڌرڻي سبب سمورا  آفيسون خالي ڪري هليا ويا  احتجاج ڪندڙن  اڳوڻي ايڊمنسٽريٽر ۽ آفيسرن خلاف ڇتي نعريبازي ڪئي وئي ۽ ڌرڻو هڻي ويهي رهيا ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ ٺيڪيدارن حبيب الله بلوچ خالد شاهاڻي وقار ابڙو ميرڻ ملاح ۽ ٻين صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اڄ اسان گڏجي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ڪراچي ڊپٽي ميئر ڪراچي جي ڪيئمپ آفيس ۽ گڏاپ ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن جي ڪيئمپ آفيسن اڳيان مظاهرو ڪري رهيا آھيون هنن چيو ته اسان 2021 کان ڪم ڪيا آهن اڳوڻي ايڊمنسٽريٽر سميت سمورن آفيسرن ڪم ورتا آسرا ڏنا پر رهتون ادا نه ڪيون 90 ڪڙور رپين جون رهتون ڏنيون وڃن  اڪائونٽ آفيسر افتخار ڌايو آڊٽ آفيسر فريد علي ايڊمن آفيسر علي بلوچ سميت سمورا آفيسر هن وقت به ڪرپشن ڪري رهيا آهن اسان کان ايڊوانس ڪم ورتا ويا آهن اسان جي ليبر پريشان آهي اسان لبير کي پگهار ناهي ڏني سڀ ڦاڪاڪشي تي مجبور ٿي ويا آھيون هنن چيو ته  150 کان وڌيڪ ٺيڪيدارن جي بقايا رهيل آهي ٺيڪيدارن جا ڪروڙين رپيا رهيل آهن اسان ننڍا ٺيڪيدار آهيون هاڻي ٻچا بک پيا مرن هنن سنڌ حڪومت نوٽيس وٺي انصاف ڪري نئين نظام تحت اسان جون رهتون نه ڏيڻ ظلم آهي جيڪڏھن ٺيڪيدارن کي رهتون نه ڏنيون ويون ته هاڻي بک هڙتال ڪنداسين مظاهرا ڪنداسين ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪنداسين

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button