بريڪنگ نيوزسنڌ

جي ڊي اي سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ جي عهدي لاءِ ايم ڪيو ايم اميدوار جي حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو

ڪراچي (بيورو رپورٽ) گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائينس (جي ڊي اي) سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ جي عھدي لاءِ ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اميدوار جي حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو. رعنا انصار نقوي گڏيل اميدوار ھوندي، ٻنھي جماعتن جي اڳواڻن ان عزم جو اظھار ڪيو ته اتحاد صرف اپوزيشن ليڊر جي مقرري لاءِ نه پر سنڌ جي محرومين ۽ پيپلز پارٽي جي ناجائز اقتدار جي خاتمي تائين جاري رھندو. زرداري سنڌ جو مودي آھي، سنڌ ۾ 2018 جي چونڊن جا نتيجا دھرائڻ نه ڏينداسين. اھڙو اعلان جي ڊي اي ۽ ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻن ڊاڪٽر صفدر عباسي، ايم ڪيو ايم پاڪستان جي مرڪزي اڳواڻ مصطفيٰ ڪمال، ڊاڪٽر فاروق ستار، سردار عبدالرحيم فنڪشنل ليگ هائوس ۾ اجلاس کانپوءِ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. ان موقعي تي حسنين مرزا، خواجه اظھار الحسن، عبدالرزاق راھمو، رعنا انصار، نند ڪمار گوڪلاڻي، علي خورشيدي، نسيم راڄپر، ارشد شر بلوچ ۽ ٻيا موجود ھئا. پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي جي ڊي اي جي اطلاعات سيڪريٽري سردار عبدالرحيم چيو ته ايم ڪيو ايم پاڪستان جا دوست اسان وٽ آيا آھن اسان جا ڪيترائي اجلاس ٿيا آهن. اڄوڪي اجلاس ۾ سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر جي عھدي لاءِ اتفاق ٿي چڪو آهي، جي ڊي اي جي جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر صفدر عباسي چيو ته  ايم ڪيو ايم ۽ جي ڊي اي اپوزيشن ليڊر جي معاملي تي ڪيترائي ڀيرا بھتر ماحول ۾  ملاقاتون ۽ اجلاس ٿيا آھن. اسان چاھيون ٿا ته  صوبي ۾ صاف شفاف چونڊن لاءِ ايماندار نگران سيٽ اپ اچي، ان لاءِ مخالف ڌر اڳواڻ جي چونڊ ضروري آهي، اسان کي جيڪي خدشا ھئا ھڪٻئي سان ونڍيا آھن، جي ڊي اي جي اعليٰ قيادت جي ھدايت تحت رعنا انصار کي مخالف ڌر ليڊر لاءِ مدد ڪنداسين.  اسان جا ايم پي ايز ان کي مڪمل سپورٽ ڪندا، اسان اڳتي به مشورن سان گڏجي  ھلنداسين ۽ سنڌ ۾ ڪرپٽ پيپلزپارٽي جو ڀرپور مقابلو ڪنداسين. ھن چيو ته ڪراچي سميت سنڌ جا سمورا شھر برباد آھن، ھن چيو ته اگر ڪير ڪنھن ٻي پارٽي ۾ وڃي ٿو ته ان کي منع ناھي جي ڊي اي اتحاد مظبوط آھي ۽ مظبوط رھندو. جي ڊي اي ۾ شامل ٿيڻ لاءِ ڪافي سياسي شخصيتون رابطي ۾ آھن، اسان پيپلز پارٽي کي سندن گھر ۾ ٻه دفعا شڪست ڏني. ڪير پيپلز پارٽي ۾ نه پيو وڃي، انتظار ڪيو صرف حڪومت ختم ٿئي پوءِ خبر پوندي ڪير ڪيڏانھن ٿو وڃي. ھن چيو ته اعليٰ حضرت پير سائين پاڳارا جو نعرو آھي متحد سنڌ مضبوط پاڪستان، ان نعري تان ڪڏھن به ھٿ نه  کڻنداسين، ھن چيو ته لکين ٻوڏ متاثر بُک اڃ تي کليل آسمان ھيٺ ويٺل آھن. زرداري ٽولي ۽ سنڌ جي مودي کي سنڌ جو عوام ايندڙ اليڪشن ۾ رد ڪندو. ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻ مصطفيٰ ڪمال چيو ته پير سائين پاڳارا جا ٿورائتا آھيون جو گڏيل اپوزيشن ليڊر چونڊرائڻ ۾ ڪامياب ٿينداسين. شھري سنڌ ۽ ديھي سنڌ جي خليج کي پيپلزپارٽي پيدا ڪيو ۽ ان کي وڌايو آهي. ان  فرق کي ختم ڪرڻ لاءِ گڏ ٿيا آهيون، ھڪ سيٽ واري ڄام صادق، لياقت جتوئي، علي محمد مھر مرحوم، ارباب رحيم کي ھڪ سيٽ ھوندي ايم ڪيو ايم ووٽ ڏئي ڪامياب ڪرايو. سنڌ جي ماڻھن کي اميد ڏينداسين، پيپلز پارٽي حڪومت کي پنھنجي جاگير ٺاھيو آھي، سنڌ لاءِ اميد جي نئين ڪرن آھي، ايندڙ وقت متحد سنڌ جو وقت آھي، پيپلزپارٽي مخالف سياسي جماعتن کي گڏ ڪنداسين، مولانا فضل الرحمان سان اسان جو پراڻو تعلق آھي، جن مينڊيٽ کسيو انھن ملڪ جو حشر ڇا ڪيو، تجربن جي بنياد تي پاڪستان کي ڪمزور ڪيو ويو آهي، جعلي مينڊيٽ سبب پاڪستان ڊيفالٽ طرف وڃي پيو، تجربن سان ملڪ نه ھلندو آھي، زرداري پاڻ کي خدا سمجھي ٿو، سنڌ جو ڪوبه والي وارث ناھي، 15 ھزار ارب رپيا صرف اين ايف سي ايوارڊ مان آھن،  22 ھزار ارب رپيا سنڌ کي مليا آهن، سنڌ جا 70 لک ٻار اسڪول نه ٿا وڃن ۽ سنڌ ۾ 11 ھزار گهوسٽ اسڪول آھن، ڊپٽي ڪمشنرن، پوليس وسيلي ماڻھن جو پاڻي بند ڪري حمايتون ورتيون پيون وڃن. عوام ۾ پيپلزپارٽي خلاف سخت نفرتون آھن، ڪراچي سنڌ کي 95 سيڪڙو روينيو ادا ڪري ٿو، ڪراچي کي پاڻي نه ٿو ملي، رشوت عيوض نوڪريون ڏنيون وڃن ٿيون، انتخابي اتحاد ٿي سگھي ٿو. اسان جون ملاقاتون جاري رھنديون، سنڌ ۾ پندرھن سالن کان جاري پيپلزپارٽي جي ظلم کان سنڌ جو عوام بيزار آھي.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button