تازيون خبرون
مکيه صفحو / قومي خبرون / ملڪ تي ڏکيو وقت هلي رهيو آهي، عوام متحد آهي، اسان پاڪ فوج سان گڏ آهيون: سيد محمد راشد شاهه راشدي

ملڪ تي ڏکيو وقت هلي رهيو آهي، عوام متحد آهي، اسان پاڪ فوج سان گڏ آهيون: سيد محمد راشد شاهه راشدي

پيرجوڳوٺ (ن-م) اعليٰ حضرت پير سائين پاڳارا جي فرزند ايم پي اي سيد محمد راشد شاهه راشدي پاران پنهنجي تڪ ڪنگري جي مختلف ڳوٺن جا دؤرا ڪيا. ان موقعي تي ڳوٺ ملان ناريجو ،ڳوٺ حاجي ميرل ناريجو ۾ سردار حسين بخش ۽ ممتاز علي ناريجو جي رهائشگاهه تي کليل ڪچهري دوران مختلف ڳوٺن جي رهواسين پاران پوليس جون شڪايتون ڪندي چيو آهي ته خيرپور ضلعي جي پوليس ڏوهارين کي پڪڙڻ بدران غريب ڳوٺاڻن، ڌنارن راهه ويندڙن توڙي دڪانن تان خريداري ڪندڙن کي گرفتار ڪري رشوت وٺڻ بعد آزاد ڪيو وڃي ٿو. ان موقعي تي سيد محمد راشد شاهه راشدي ڳوٺاڻن کي يقين ڏياريو ته اسان ڪنهن سان به ناجائزي ٿيڻ نه ڏينداسين. اهڙو آواز اسيمبليءَ ۾ اٿاريندس ۽ پوليس اختيارين کي پڻ چوندس. ان موقعي تي سيد محمد راشد شاهه راشدي پارٽي ڪارڪنن ۽ ورڪرن سان ڳالهائيندي چيو ته ملڪ تي ڏکيو وقت هلي رهيو آهي ۽ پاڪستان جو عوام متحد آهي ،اسان پاڪ فوج سان گڏ آهيون ، سيد محمد راشد شاهه راشديءَ پاران ملڪ جي سلامتيءَ ۽ پاڪ فوج لاءِ دعا گھري. ان موقعي تي سيد نجيب الله شاهه راشدي، ڄام انعام الله مهيسر،، سردار نديم حيدر چنه، پروفيسر عبدالخالق جتوئي ،سيد ثابت علي شاهه ، امتياز احمد مڱڻيجو، ثناءُ الله ميراڻي ،وڏيرو ڀاڳيل خان ڀٽو، علي گل جوڻيجو،۽ ٻيا موجود هئا.

ھي به ڏسو

امام انقلاب شهيد سورهيه بادشاهه جو يوم شهادت اڄ عقيدت ۽ احترام سان ملهايو پيو وڃي

حيدرآباد(رپورٽ: اسد ڏاهري )بر صغير جي آزادي لاءِ هلايل سڀني تحريڪن ۾ اهم ڪردار ادا …

احتساب غيرجانبدار ٿيڻ گهرجي پر افسوس اسان کي ٽارگيٽ ڪيو پيو وڃي: وڏو وزير

مٺي/عمرڪوٽ(نمائندن وٽان) ٿرپارڪر مان ملڪي روشنائي جو خواب ساڀيان، ٿر ڪول بلاڪ ٻه مان 330 …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے