بريڪنگ نيوزسنڌ

دادو جي عدالت ۾ ٽن ڄڻن جي قتل ڪيسن جي ٻڌڻي، فريادي ۽ جوابدار ڌر پيش

دادو (ڊ ر) دادو جي ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ ۾ ام رباب چانڊيو جي 3 گهرڀاتين جي قتل جي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي گذري،ڪيس جي ٻڌڻي دوران ڪيس جو فريادي پرويز چانڊيو ۽ ام رباب چانڊيو گڏ عدالت پهتا جڏهن ته ڪيس ۾ نامزد جوابدار برهان چانڊيو ۽ سردار خان چانڊيو عدالت پهتا ۽ ڪيس ۾ گرفتار ٿيل سمورن جوابدارن کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو،جوابدار ڌر جي وڪيل پاران ڪيس جي 3 شاهد کان مسلسل 4 ڪلاڪ سوا جواب ڪيا جنهن بعد دادو ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ جي جج ڪيس جي ٻڌڻي 18 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي،عدالت ٻاهريان ام رباب چانڊيو صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ڪيس شيڊول تي آهي پر جوابدار هفتي ۾ ٻه ڀيرا ڪيس هلائڻ تي اعتراض وارين ٿا،هڪ ڏينهن جي حاضري وٺن ٿا اصل ۾ هي ڪيس انهيء ڪري ڊلي ڪرڻ چاهين ٿا ته جئين سندن حڪومت اچي ۽ هو مرضي جو فيصلو وٺن پر کين ائين ڪرڻ نه ڏينداسين منهنجي گهر ڀاتين جي قتل ڪيس ۾ گرفتار جوابدار علي گوهر جو پٽ ۽ ضلع قمبر جو ايس ايڇ او امداد چانڊيو هت اچي،سيڪيورٽي اهلڪارن سان گڏ ويهي ٿو ۽ انهن کي هدايتون ڏئي ٿو اسان بار بار پيا چئون ته اسان جي ، شاهدن کي ٿريٽس آهن،ان جي باوجود ٻاهرين ضلع جو ايس ايڇ او هت مسلسل ڪئين ۽ ڇو اچي ٿو،آء جي سنڌ پوليس نوٽيس وٺي ته آخر ان ايس ايڇ او جو دادو جي عدالت ۾ اسان جي ڪيس جي ٻڌڻي تي ڇو ٿو اچي،ٻي طرف ڪيس ۾ نامزد جوابدار سردار خان چانڊيو صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته فريادي ڌر جو شاهد منظور چانڊيو سزا يافته آهي،اهو ڪوڙ تي مبني شاهديون پيو ڏئي سوال پڇڻ تي هنن جو شاهد بيهوش ٿي وڃي ٿو، هي ڪيس ڪوڙ تي ٺهيل آهي جلد انصاف ملندو،ٻي طرف ڪيس جي ٻڌڻي دوران سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button