بريڪنگ نيوزقومي

ڏکين حالتن ۾ اقتدار سنڀاليو، ملڪ جلد پنهنجي پيرن تي بيهندو، پاڪستان جو وڃايل مقام واپس ڏيارينداسين: وزيراعظم

اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعظم محمد شهبازشريف چيو آهي ته پاڪستان جلد پنهنجي پيرن تي بيهندو بينظير انڪم سپورٽ پروگرام کي هلندڙ سال اڃا وڌيڪ بهتر ڪيو ويو عوامي فلاحي منصوبي جو خواب شهيد محترمه بينظير ڀٽو ڏٺو هو محترمه بينظير ڀٽو جي خواب کي آصف زرداري ۽ ان جي ٽيم ساڀيان ڪري ڏيکاريو 3 ڪروڙ 30 لک ماڻهو ٻوڏ سان متاثر ٿيا موجوده حڪومت ٻوڏ جي تباهي کي منهن ڏنو نوجوان قوم جو مستقبل ۽ خوشحالي جي ضمانت آهن. دل چوي ٿي هر ٻار وٽ ليپ ٽاپ هجي ۽ هڪ نه پر هڪ ڪروڙ ليپ ٽاپ ورهائي ڇڏيا نوجوانن تي  سرمايو لڳائڻ کان وڌيڪ ٻيو ڪجهه نه آهي هو جمعي تي جناح ڪنويشن سينٽر ۾ وزيراعظم يوٿ پروگرام تحت ليپ ٽائپ ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو وزيراعظم چيو ته جڏهن مان خادم پنجاب هيس ته نوجوانن ۾ لکين ليپ ٽاپ ورهايا پنجاب ايجوڪيشن انڊومينٽ فنڊ سان ڪافي شاگردن کي تعليمي وظيفا فراهم ڪرڻ جو سلسلو شروع ٿيو انهن مان ڪافي شاگرد ۽ شاگردياڻيون اڄ ڊاڪٽر، انجينئر ۽ ڪامياب پروفيشنلز بڻجي چڪا آهن ۽ پاڪستانجي خدمت ڪري رهيا آهن هن چيو ته هڪ ڏينهن لاهور ۾ هڪ ٻارڙي ليپ ٽاپ وٺندي مون کي ٻڌيو ته ان جا والدين هن دنيا ۾ نه آهن پر اها ڊاڪٽر بڻجڻ چاهي ٿي وزيراعظم چيو ته قومي جي روشن مستقبل چاٻي نوجوانن جي هٿ ۾ آهي منهنجي دل چوي ٿي ته هر نوجوان جي هٿ ۾ ليپ ٽاپ ڏيان ڪووڊ-19 جي وبا آئي ته درسگاهون بند ٿي ويون هي ليپ ٽاپ ئي هو جيڪو نوجوانن کي تعليم جهڙي زيور سان سرشار ڪرڻ ۽ ڪامياب پروفيشنل بڻجڻ جو ذريعو بڻيو جديد دور جي گهرجن مطابق قوم جي هر ٻار جنهن وٽ علم آهي ۽ محنت ڪرڻ گهري ٿو ان کي پنهنجو پيٽ چيري ليپ ٽاپ فراهم ڪنداسين هي ليپ ٽاپ لکين نوجوانن کي روزگار ڪمائڻ جي قابل بنائڻ جو ذريعو بڻيو آهي ايندڙ هڪ سال اندر نوجوانن ۾ هڪ لک ليپ ٽاپ ورهايا ويندا ان لاءِ بجيٽ ۾ رقم رکي وئي آهي هي ليپ ٽاپ ڪنهن سفارش تي نه پر نج ميرٽ تي ملندا، اسان آئي ٽي جي شعبي ۾ پاڙيسري ملڪ کان به وڌيڪ ترقي ڪنداسين ۽ پاڪستان کي ان جو وڃايل مقام واپس ڏيارينداسين. هن چيو ته منهنجو وس هلي ته هڪ لک نه پر هڪ ڪروڙ ليپ ٽاپ نوجوانن ۾ ورهايان ڇو ته هي ليپ ٽاپ پاسڪتان جي ترقي ۽ خوسحالي جو ذريعو بڻجندا وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جو دائرو وڌائڻ جي ضرورت آهي بي آئي ايس پي پروگرام جو مقصد معاشري جي ڪمزور طبقي کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ ۽ ڪارائتو شهري بنائڻ آهي هو جمعي تي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت سماجي تحفظ اڪائونٽ جاري ڪرڻ واري تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو وزيراعظم چيو ته بي آئي ايس پي کي شازيه مري ۽ ان جي ٽيم جنهن نموني هلايو اطمينان جوڳو ۽ ساراهه جوڳو قدم آهي هن پروگرام ۾ کوڙ ساريون نيون شيون شامل ڪيون ويون آهن ان کي وڌيڪ شفاف بڻايو ويو آهي ۽ ان کي اڃا به وڌايو ويو آهي ان پروگرام کي حڪومت جو پورو تعاون حاصل هو وزيراعظم چيو ته گذريل سال پاڪستان ۾ تباهه ڪندڙ ٻوڏ آئي جنهن کان پوءِ گڏيل حڪومت جا سمورا اڳواڻ متاثر علائقن ۾ پهتا هر پاسي تباهي نطر اچي رهي هئي جن مشڪل حالتن ۾ اسان حڪومت جي واڳ سنڀالي هئي اسان کي ٻوڏ جي صورت ۾ هڪ ٻي وڏي ڏکيائي کي منهن ڏيڻو پيو هن چيو ته ملڪ جي چئني صوبن سميت وڏو حصو ٻوڏ ۾ ٻڏل هو ۽ 3 ڪروڙ 30 لک ماڻهو متاثر ٿيا هئا هن چيو ته بي آئي ايس پي تحت 70 ارب رپيا متاثرن ۾ شفاف نموني ورهايا ويا هن چيو ته دوست ملڪن ۽ ٻين ذريعن کان جيڪا امداد ملي اها ان کان الڳ هئي صوبن به پنهنجي وسيلن سان ان ۾ حصو وڌو 18 کان 20 ارب رپيا اين ڊي ايم اي فراهم ڪيا هن چيو ته ٻوڏ جو تباهيون ۽ اثر اڄ به هر پاسي نظر اچن ٿا هن چيو ته ٻوڏ متاثرن لاءِ حڪومت اڃا وڌيڪ گهڻو ڪجهه ڪندي وزيراعظم چيو ته بي آئي ايس پي تحت تعليمي وظيفا فراهم ڪيا پيا وڃن جڏهن ته هي تعليمي وظيفا تعلمي سفر جاري رکڻ سان مشروط هجڻ گهرجي وزيراعظم چيو ته بي آئي ايس پي اڳوڻي وزيراعظم بينظير ڀٽو شهيد جو ويزن هو ان پروگرام کي اڳتي وڌائڻ جي ضرورت آهي وزيراعظم هن پروگرام لاءِ ٻاهرين ملڪن جي مدد تي دوست ملڪن ۽ سفارتڪارن جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته هن پروگرام لاءِ جيتري مدد فراهم ڪئي وئي گهٽ آهي ان تحت اسان پنهنجن ٻارڙن کي اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ تعليم ڏيارڻ ۽ معاشري جي غريب مسڪين ماڻهن ۽ طبقن جي مدد جي قابل ٿي سگهنداسين وزيراعظم چيو ته هن پروگرام جو مقصد ماڻهن ۾ خيرات ورهائڻ نه پر کين پنهنجي پيرن تي بيهارڻ ۽ ڪارائتو شهري بنائڻ آهي.

 

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button