بريڪنگ نيوزسنڌ

حيدرآباد جي لالو لاشاري ۾ ڀت ڪرڻ سبب نينگر فوت، 3 ٻارڙا زخمي

حيدرآباد(جي ايم چانڊيو)حيدرآباد ۾ گھر جي ڀت ڪرڻ سبب ھڪ نينگر فوت ٽي زخمي. لالو لاشاري واري علائقي سومرا پاڙي لڳ زير تعمير جڳھ جي ڀت ڪرڻ جي نتيجي ۾ پاڙي جا چار ٻارڙا دٻجي ويا. اتي موجود ٻين ٻارڙن جي رڙين تي پاڙي وارن واقعي واري ھنڌ پھچي ٻارڙن کي ملبي مان ڪڍي اسپتال منتقل ڪيو. جتي ڊاڪٽرن چئني ٻارڙن مان ھڪ نينگر جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي ۽ ٻين ٻارڙن جو اعلاج جاري آهي. فوتي نينگر جي سڃاڻپ 13 ورھين جي غلام حسين پٽ امتياز چانڊيو طور ٿي. جڏھن ته زخمين ۾ 8 ورھين جو فياض پٽ امتياز چانڊيو. 8 ورھين جو ذاڪر پٽ نديم سومرو ۽ 9 ورھين جو عزير پٽ منير سومرو طور ٻڌائي وئي. فوتي نينگر غلام حسين جي والد ۽ ٻين جو چو ھو اسان کي معلوم ٿيو آھي ته واقعو اتفاقي آھي ان ڪري ڪا به قانوني ڪاروائي نٿا چاھيون.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button