بريڪنگ نيوزسنڌ

ميهڙ جي ڳوٺ ٻُٽ سرائي واسڻ جو نياڻين سميت انصاف لاءِ احتجاج

دادو(ڊ ر) ميهڙ جي ڳوٺ ٻٺ سرائي جي رهواسڻ عورت شمشاد زال ممتاز کوسو پنهنجي معصوم نياڻي ساڻ دادو دادو پريس ڪلب پھچي صحافين آڏو نير ورهائيندي دانهيو ته اڳ ڄاوا ٽن پٽن ظفر علي، عرفان علي،عاشق علي کوسو مون ۽ منهنجي مڙس بيلدار ممتاز علي کوسو کي مارڪٽ ڪري زبردستي پنهنجي والد کي ڌمڪيون ڏئي مون کي طلاق ڏياري هئي، منهنجي ڌيءَ مرڪ کي زبردستي کسي باندي بڻائي ڇڏيو آهي، جنهن بعد آءُ پنهنجي 3 نياڻين جي خرچ لاءِ ميهڙ ڪورٽ ۾ درخواست ڏني جتي منهنجي مڙس ممتاز کوسو ڪورٽ آڏو خرچ ڏيڻ جو چيو، هن روئيندي چيو ته 2 ڏينهن پهريان مڙس ممتاز کوسو حراسمينٽ ۽ ذهني دٻاءُ سبب فوت ٿي ويو آهي، هاڻ منهنجي 3 نياڻين کي ڪير پاليندو منهنجو واحد سهارو مرحوم مڙس هيو جنهن کي پٽن ذهني ۽ جسماني پريشان ڪيو،هن چيو ته عدد ڪرڻ چاهيو ته پٽن نه ڪرڻ ڏنو ۽ منهنجي 5 سالا نياڻي مرڪ مون کان کسي پاڻ وٽ رکي ڇڏي آهي، هن گورنر سنڌ سيشن جج دادو انساني حقن جي تنظيمن کان مطالبو ڪيو ته اڳ ڄاون پٽن خلاف قانوني ڪاروائي ڪري ٻچن جي گذر لاءِ مڙس جي پگهار ڏياري وڃي جيئن پنهنجي 3 نياڻين جو پيٽ پالي سگهان،

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button