بريڪنگ نيوزقومي

اعليٰ حضرت پير سائين پاڳارا سان جي ڊي اي جي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر صفدر عباسي جي ملاقات

ڪراچي (بيورو رپورٽ) حرجماعت جي روحاني پيشوا پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل ۽ جي ڊي اي سربراهه اعليٰ حضرت پير سائين پاڳارا سان جي ڊي اي جي جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر صفدر عباسي جي اھم ملاقات، ملاقات ۾ سيد راشد شاھ راشدي به موجود ھو، ڊاڪٽر صفدر عباسي اعليٰ حضرت پير سائين پاڳارا کي غير ملڪي دوري کان واپسي تي موجوده سياسي صورتحال کان آگاھ ڪيو، ملاقات ۾ ملڪ ۽ خاص طور تي صوبي جي مجموعي سياسي صورتحال ۽ نگران حڪومت بابت به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ملاقات بابت جي ڊي اي جي جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر صفدر عباسي چيو ته ملاقات ۾اعليٰ حضرت پير سائين پاڳارا سان سياسي جماعتن سان رابطي ۽ نگران سيٽ اپ جي حوالي سان مشاورت جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو ويو، ملڪي حالتن سبب اسان کي مثبت سوچ سان اڳتي وڌڻو پوندو، ھن چيو ته اعليٰ حضرت پير سائين پاڳارا ايندڙ ڏينھن ۾ پنھنجو اھم سياسي ڪردار ادا ڪندا، مثبت سوچ سان جي ڊي اي جي پليٽ فارم تان معاملا اڳتي وڌايا ويندا، ٻين سياسي جماعتن ۽ اڳواڻن سان به رابطا ڪيا ويندا.7

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button