بريڪنگ نيوزسنڌ

ميرپوربٺورو ۽ ڀرپاسي سارين جي اگهن ۾ گهٽتائي ۽ غير قانوني ڪٽوتي، آبادگار سراپا احتجاج

ميرپوربٺورو (رپورٽ: ممتاز علي شورائي) ميرپوربٺورو تعلقي ۾ سارين جي اگهه ۾ وڏي پئماني تي لاٿ ۽ ڪٽوتي جي خلاف سيد لطيف اڪبر شاھ، سيد عطا حسين شاھ، ڪاشف خواجه، ارباب زڪريا ميمڻ، نعمان شورو، جعفر اوٺو، رزاق لنڊ، مشتاق چانڊيو، پرويز ميمڻ، غني سولنگي، مير محمد ٽڳڙ، دائود سومرو، واحد پرهياڙ، امين لنڊ، سيد عبدالله شاھ، عزيز اوٺو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سوين آبادگارن ۽ هارين پاران ميرپوربٺورو، دڙو روڊ تي سم نالي اسٽاپ وٽ ڌرڻو هڻي سخت نعريبازي ڪري رهيا آهن ان موقعي تي ڌرڻو هڻندڙ آبادگارن ۽ هارين صحافين سان ڳالهائيندي چيو آهي ته ڪارخانيدارن پاران هر سال جيان هن ڀيري به سارين جو فصل لهڻ شرط نه رڳو اگهه ۾ وڏي پئماني تي لاٿ ڪئي وئي آهي پر موئسچر جي نالي تي في مڻ تي ٽن کان 5 ڪلو ۽ ڪٿي ڪٿي ته 8 کان 10 ڪلو تائين غيرقانوني طور تي ڪٽوتي ڪري آبادگارن کي وڏو نقصان ڏنو پيو وڃي، هنن چيو ته سارين جي في ايڪڙ تي 40 هزار روپين کان 50 هزار روپين تائين خرچ اچي چڪو آهي اهڙي صورتحال ۾ بچت ته پنهنجي جاءِ تي پر خرچ به ڳچي ۾ پوڻ جي ڪري آبادگار طبقو سخت پريشاني ۾ ورتل آهي، هنن چيو ته سارين جي اگهه ۾ واڌ ڪري ڪٽوتي وارو سلسلو بند نه ڪيو ويو ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.7

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button