بريڪنگ نيوزقومي

نواز شريف توشا خانه ڪيس ۾ عدالت آڏو پيش، دائمي گرفتاري وارنٽ معطل، اشتهاري ڏوهاري وارو اسٽيٽس به ختم

اسلام آباد (بيورو)  اسلام آباد جي احتساب عدالت توشه خانه ڪيس ۾ نوازشريف جا دائمي گرفتاري وارنٽ معطل ڪري ڇڏيا، نواز شريف جو اشتهاري ڏوهاري وارو اسٽيٽس به ختم ٿي ويو، نواز شريف توشه خانه ريفرنس ڪيس ۾ اسلام آباد جي احتساب عدالت آڏو پيش ٿيو  نوازشريف جي عدالت ۾ پيش ٿيڻ تي احتساب عدالت جي جج محمد بشير وڪيلن کي اشارو ڪيو ته نواز شريف کي وٺي وڃو نوازشريف ڪيس ۾ حاضري لڳائڻ بعد عدالت مان روانو، نيب جي پراسيڪيوٽر عدالت کي استدعا ڪئي ته نوازشريف جا دائمي وارنٽ معطل ڪيا وڃن، نواز شريف سرينڊر ڪيو آهي، سندس روپوش ڏوهاري وارو اسٽيٽس ختم ٿي ويو آهي، دائمي وارنٽ معطل ٿيڻ بعد ئي ٽرائل اڳتي وڌندو احتساب عدالت جي جج محمد بشير نواز شريف جا دائمي گرفتاري وارنٽ معطل ڪري ڇڏيا، ٻڌڻي دوران جج محمد بشير رمارڪس ۾ چيو ته ڏاڍو مزو ايندو آهي جڏهن گهڻا ماڻهو گڏ ٿيندا آهن  نواز شريف جي وڪيل قاضي مصباح چيو ته ماڻهو اهڙي ڪنهن شخص جي پٺيان گڏ نه ٿيندا آهن جنهن تي اعتماد نه هجي، جج محمد بشير چيو ته بس هاڻي بس، توهان هاڻي سياسي ڳالهه پيا ڪيو، جج جي تبصري تي عدالتي ڪمري ۾ ٽهڪڙا پئجي ويا.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button