بريڪنگ نيوزسنڌ

مٽياري ھن وقت انيڪ مسئلن جي ور چڙھي چڪو آهي:عوامي اتحاد اڳواڻ

مٽياري (ن م) مٽياري ضلعي جي اھم مسئلن جي حل لاءِمٽياري عوامي اتحاد سرگرم ٿي وئي آھي ان سلسلي ۾ مٽياري عوامي اتحاد جي اڳواڻن ڪنوينر نصير احمد ميمڻ،ڄام شوڪت ابڙو،رشيد ڏيٿو،رحمت الله ترڪ،صاحب ڏنو ورياھه،منصور نواز ڀنيو،غلام مصطفيٰ رند  ۽ ٻين ڊي ايڇ او مٽياري سان ملاقات ڪري ضلعي ۾ صحت جي مسئلن بابت آگاھه ڪيو جنھن بعد مٽياري عوامي اتحاد جي اڳواڻن پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته مٽياري ضلعو ھن وقت انيڪ مسئلن جي ور چڙھي ويو آھي ضلعي ۾ ھن وقت تعليم، صحت، ايريگيشن، فاريسٽ سميت سڀني ادارن ۾ وڏا وڏا مسئلا آھن جيڪي فوري طور حل ڪرڻ جي ضرورت آھي ضلعي جي اسپتالن ۾ ڪي سھولتون ناھن اسپتالن ۾ دوائون ناھن اسڪولن ۾ ماستر ناھن فرنيچر ناھي شاخن ۾ پاڻي جا مسئلا آھن ٻيلن تي قبضا لڳا پيا آھن ڪچي جي سرڪاري زمين تي جھيڙن ۾ ماڻھو پيا مرن پر اسان جا ادارا خاموش آھن ان ڪري مٽياري عوامي اتحاد ھن وقت ضلعي جي سمورن مسئلن جي حل لاءِ سنجيدگي سان ڪوششون وٺي رھي آھي ان لاءِ ڊي ايڇ او سان ملاقات ٿي آھي جنھن ھڪ ھفتي جي مھلت ورتي آھي اگر ھفتي جي اندر صحت جا مسئلا حل نه ٿيا ته اسان احتجاجي تحريڪ شروع ڪري ڇڏينداسين.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button