بريڪنگ نيوزسنڌ

سنڌڙي ڀرسان ڪارنهن الزام هيٺ جوابدار پنهنجي ڀاءُ ۽ زال کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو

ميرپورخاص/سنڌڙي(نمائندن وٽان) تعلقي سنڌڙي جي ڳوٺ محراب مري ۾ جنوني جوابدار دلمُراد مري ٻه مهينان اڳ ماءُ بڻيل پنهنجي نوجوان زال ناز پري تي سندس 25 ورهين جي سڳي نوجوان ڀاءُ غمشاد مري سان ڪاري هجڻ جو الزام هڻي ٻنهي کي پسٽل جا فائر ڪري بيدردي سان قتل ڪري ڇڏيو آھي ذريعن موجب جنوني قاتل پنهنجي سڳي ڀاءُ ۽ زال کي قتل ڪرڻ بعد پسٽل سميت حد جي دلبرمهر ٿاڻي تي پيش ٿي گرفتاري ڏيئي ڇڏي آهي ٻٽي قتل جي اطلاع تي حد جي پوليس واقعي واري هند پهچي ڪارنهن جي الزام هيٺ قتل ڪيل ڀاڄائي ۽ ڏير جي لاشن کي کڻائي سول اسپتال ميرپورخاص پهچايو جتان قانوني ڪارروائي بعد مڙھ وارثن حوالي ڪيا ويا, قتل ٿيلن جا مڙھ گهر پھچڻ تي ڪهرام مچي ويو, مڙس هٿان ڪارنهن جي الزام هيٺ قتل ٿي ويل ناز پري جي والد علي محمد مري صحافين کي ٻڌايو ته سندس ڌي جي شادي پنج سال اڳ دلمُراد مري سان ٿي هئي جنهن مان کيس ٻن مهينن جي نياڻي جو اولاد آھي منهنجي ڌيءَ کي ڇو قتل ڪيو ويو ان جي ڪا خبر ناهي جڏھن ته جنوني جوابدار جي ڀاءُ واحد بخش مري چيو ته منھنجي ڀاءُ دلمُراد مري پنهنجي زال ۽ اسان جي ڀاءُ غمشاد مري مٿان ڪارنھن جو الزام مڙھي قتل ڪيو آھي جڏھن ته اسان جو ڀاءُ قتل وقت ٻاھر اوطاق تي ستل ھو جتي کيس قتل ڪيو ويو ۽ ڀاڄائي کي هن وري گھر اندر قتل ڪيو آھي ۽ پاڻ ٿاڻي تي پيش ٿي گرفتاري ڏني آھي دلبر مهر ٿاڻي جي پوليس موجب ٻٽي قتل جي جوابدار جي گرفتاري لاء ڇاپا هنيا پيا وڃن جلد جوابدار کي گرفتار ڪري وٺنداسين وارث لاشن جي تدفين ۾ رڌل آھن جنهن ڪري ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آھي وارثن جي پهچڻ شرط ڪيس داخل ڪيو ويندو.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button