بريڪنگ نيوزسنڌ

زيارت ڪري موٽندڙ ٺل واسين جي ڪوچ ڪلٽي، 5 ڄڻا فوت، 35 کان وڌيڪ زخمي

ٺل (رپورٽ: فيض سومرو) حق باهو درگاھ کان سخي سرور درگاھ جي زيارت ڪري پنهنجي گهر ٺل واپس ايندي پنجاب جي علائقي راجن پور جي ويجهو فاضل پور روڊ تي ڪوچ ڪلٽي ٿي پيو۔ جنهن جي نتيجي ۾ ٺل واسي ٻن ٻارڙن ۽ هڪ عورت سميت 5 ڄڻا ٿڏي تي فوت ٿي ويا، جڏهن ته 35 کان وڌيڪ ماڻھو زخمي ٿي پيا آھن ۔زخمين کي ريسڪيو وارن رحيم يار خان اسپتال، ۔فاضل پور۔، راجن پور اسپتال ۽ ٻين اسپتالن ۾ علاج لاءِ منتقل ڪيو آھي۔ حادثي جو شڪار ٿيل 20 ورهين جو ياسر پٽ محمد يوسف سومرو، 16 ورهين جو شفيع محمد پٽ گل گھنور سومرو، 30 ورهين جي صفيه خاتون زال فقير محمد سومرو، 5 ورهين جو نعمت سومرو ۽ شجاع الله پٽ عبيدالله سومرو فوت ٿي ويا آھن، فوتي ۽ زخمي ٿيل ٺل جي سومرا محلا بلوچ ڪالوني جا رهواسي آهن، حادثي بعد اڳوڻو نگران وزيراعظم پاڪستان محمد ميان سومرو ۔سندس ڀيڻ مليحه سومرو ۽ بشير احمد سومرو فوتين ۽ زخمين جي وارثن سان رابطو ڪري گهري ڏک جو اظھار ڪيو ۽ فوري مدد لاءِ الخدمت فائونڊيشن ۽ راجن پور۔ رحيم يار خان ۽ ٻين اٿارٽيز سان رابطو ڪري زخمين کي ترت طبي امداد مهيا ڪرڻ جو چيو آھي، ۔هنن چيو ته حادثي ۾ فوت ۽ زخمي ٿيل جي وارثن سان همدردي آھي ۽ هر ممڪن مدد ڪبي۔، جڏهن ته سردار محمد ميان سومرو۔، مليحه سومرو ۽ بشير احمد سومرو حادثي ۾ فوت ٿيلن کي ايمبولنس ذريعي پنهنجي گهرن ڏانهن روانو ڪرڻ جو انتظام ڪيو، ۔جڏهن ته وارث فوتين جا لاش کڻي ٺل روانا ٿي ويا آهن۔ زخمين کي پنجاب جي مختلف اسپتالن ۾ داخل ڪيو ويو آهي جيڪي زير علاج آھن۔ ٻڌايو پيو وڃي ته گاڏي جي تيز رفتاري سبب واقعو پيش آيو آھي۔.7

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button