بريڪنگ نيوزسنڌ

شھدادپور ۾ آبادگارن جو ڀاڻ جي ھٿرادو کوٽ خلاف احتجاج

شهدادپور(ڀنڀرو ۽ رند وٽان)شھدادپور ۾ يوريا ڀاڻ جي ھٿرادو کوٽ ۽ ڀاڻ جي بليڪ مارڪيٽنگ خلاف آبادگار روڊن تي نڪري آيا. اسٽيشن چوڪ کان پريس ڪلب تائين سنڌ آبادگار بورڊ اڳواڻن، زميندارن جي اڳواڻن اڳوڻي ايم پي اي فقير ماهي خان وساڻ، محمد عاقل گل وساڻ، چيئرمين سائينداد رند، چيئرمين گل محمد ڏاهري، عمران علي بوزدار، نياز حسين بوداڻي، حاجي غلام سرور رند، يار محمد لغاري، چيئرمين قادر ڪلوئي، ابراهيم ڪيريو، حاجي حنيف سنجراڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي پريس ڪلب تائين پهچي ڪلب اڳيان ڌرڻو هڻي نٽهڻ اس ۾ نعري بازي ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته حڪمرانن ۽ سانگهڙ ضلعي جي انتظاميه جي نااهلي آھي جو يوريا ڀاڻ جي ھٿرادو کوٽ پيدا ڪري، يوريا ڀاڻ جي بليڪ مارڪيٽنگ ڪري 3600 سو واري يوريا ڀاڻ جي ٻوري 5400 رپيه ڏئي آبادگارن جو معاشي قتل عام ڪيو پيو وڃي. هنن چيو ته حڪومت جي طرفان آبادگارن کي رليف ڏيڻ بجاءِ ڪڏهن پاڻي جي کوٽ ته ڪڏهن زرعي ڀاڻ ۽ دوائون جي اگهن ۾ واڌ ته ڪڏهن فصلن جا اگھ ڪيرائي آبادگارن لاءِ پريشانيون پيدا ڪيون پيون وڃن. ههڙي حالتن ۾ انتظاميه اگھور ننڊ ستل آھي جيڪو آبادگارن سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ آھي. پڻ زرعت، آبادگارن کي تباھه ڪرڻ جي سازش آھي. هنن گهر ڪئي ته بليڪ مارڪيٽنگ ڪندڙ ڊيلرن، واپارين خلاف سخت قدم کڻي آبادگارن کي سرڪاري اگھ  يوريا ڀاڻ ميسر ڪري ڏئي ڀاڻ جي پيدا ھٿرادو کوٽ، بليڪ مارڪيٽنگ ختم ڪرائي آبادگارن کي پريشاني کان ڇٽڪارو ڏياريو وڃي ٻي صورت ۾ ڊي سي آفيس سانگهڙ جو گهيراءُ ڪري نيشنل هاءِ وي بلاڪ ڪيو ويندو.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button