بريڪنگ نيوزسنڌ

حيدرآباد سٽي پوليس جي ڪارروائي،منشيات هٿ،4 جوابدار گرفتار

حيدرآباد(لالا زاهد)سٽي پوليس جي ڪارروائي، مين پوري سپلائر گروپ جا 4 اهلڪار گرفتار، ڪيس داخل، ڊي ايس پي سٽي سيد احمد علي شاهه جي سربراهي ۾ ايس ايڇ او سب انسپيڪٽر مظفر علي خالدي پنهنجي اسٽاف سان گڏ آپريشن دوران سٽي پوليس جي ڳجهي اطلاع تي گشت ڪندي ڪارروائي ڪئي. سينٽ ميري اسڪول ڀرسان مين پوري سپلائر گروپ جي 4 اهلڪارن کي گرفتار ڪيو ويو، گرفتار جوابدارن ۾ ربنواز چٽو، عامر شيخ، شهزاد علي درس ۽ علي رضا قريشي شامل آهن، شروعاتي جاچ ۾ گرفتار جوابدار وڌيڪ انڪشاف ڪيو ته اسان مين پور تيار ڪري مختلف علائقن ۾ وڪرو ڪندا آهيون، گرفتار جوابدارن جي قبضي مان 4 ڪٽن ۾ تيار ڪيل مين پريون هٿ ڪيون ويون، گرفتار جوابدارن جو وڌيڪ ڪرمنل رڪارڊ چيڪ ڪيو پيو وڃي، سٽي پوليس گرفتار جوابدارن خلاف گٽڪا ۽ مين پور ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري ورتو.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button