سنڌ

ڊائريڪٽر هيلٿ شهيد بينظيرآباد سول اسپتال نوشهروفيروز جو دورو ڪيو

نوشھروفيروز (ڊ ر) ڊائريڪٽر هيلٿ شهيد بينظيرآباد ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ لغاري، ڊپٽي ڊائريڪٽر غلام سرور خاصخيلي جو سول اسپتال نوشھروفيروز جو اچانڪ دورو ڪري ايمرجنسي، دل جي وارڊ، ليبارٽري ۽ ليبر روم جو تفصيلي جائزو ورتو ۽ اسٽاف جي حاضري چيڪ ڪرڻ سان گڏ مريضن کي ملندڙ سهولتن بابت پڇاڻو ڪيو جنهن تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته صحت کاتي جي وزير عذرا پيچوهو جي خاص هدايتن تي سمورين اسپتالن جو دورو ڪري رهيا آھيون ته جيئن مريضن کي صحت جون سهولتون ڏئي سگهجن نوشھروفيروز جي سول اسپتال ۾ عيدالاضحيٰ جي موڪل واري ڏينهن ۾ ڊاڪٽرن توڙي ايمبولنسز سميت سمورو اسٽاف، ايمرجنسي دوائون ۽ ويڪسين ڏسي بيحد خوشي ٿي آھي جڏهن ته هيٽ اسٽروڪ ۽ گيسٽرو جي مريضن سميت او پي ڊي جي مريضن جي تمام گهڻي رش آھي ان موقعي تي سول سرجن ڊاڪٽر خادم علي مڱريو، اي ايم ايس ڊاڪٽر عبدالخالق عباسي، سي ايم او ڊاڪٽر محمد صفر چنه، ڊاڪٽر شبانه چنه، ڊاڪٽر امبر عباسي، ڊاڪٽر محمد زمان ڀرٽ، پيرا ميڊيڪل اڳواڻ اعجاز ممنائي، سعود ٻوهيو، اشرف قريشي، هدايت الله سولنگي ۽ ٻيا موجود هئا.7

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button