بريڪنگ نيوزسنڌ

ٺڪراٺو ۾سومرا برادري جي ماڻهن جو برادري جي بااثرن جي زيادتين خلاف احتجاج

ٺڪراٺو (ن م ) ٺڪراٺي ۾ سومرا برادري جي ماڻھن عورتن ۽ ٻارڙن سميت مائٽن جي زيادتين خلاف احتجاجي مظاھرو ڪيو احتجاج ڪندڙن گل محمد لال ڏنو نثار احمد سومرو مائي تھمينا زرينا ۽ ٻين الزام ھڻندي چيو ته بااثر مائٽ شاھنواز سومرو نور حسن مير حسن ۽ ٻيا رڪشي تي مزدوري ڪندڙ پورھيت لالڏنو کي بناجواز تشدد جو نشانو بڻايو جنھن جي رڙين تي سندس ڀيڻ ڇڏائڻ آئي ته ان کي به سخت تشدد بعد گھر مان ڪڍي ڇڏيو احتجاج ڪندڙن چيو ته بااثر مائٽ اڃا به جان کان مارڻ جون ڌمڪيون ڏئي رھيا آھن ۽ نياڻين جو گھر برباد ڪرڻ چاھين ٿا پر پوليس اطلاع باوجود انصاف نٿي ڏئي احتجاج ڪندڙن ايس ايس پي سکر ۽ ٻين اختيارين کان مطالبو ڪيو ته شفاف انڪوائري ڪري اسان کي تحفظ ڏئي انصاف فراھم ڪيو وڃي.1

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button