بريڪنگ نيوزقومي

سياسي ۽ عسڪري قيادت جو معيشت جي بحالي لاءِ کنيل قدمن تي اطمينان جو اظهار، وزيراعظم پاران پرڏيهي سيڙپڪاري لاءِ وڌيڪ قدم کڻڻ جي هدايت

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ اسپيشل انويسٽمينٽ فيسليٽيشن ڪونسل جي ايپڪس ڪميٽي جو اجلاس ٿيو اجلاس ۾  سياسي ۽ عسڪري قيادت جو معيشت جي بحالي لاءِ کنيل قدمن تي اطمينان جو اظهار ڪيو، وزيراعظم پرڏيهي سيڙپڪاري لاءِ وڌيڪ قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن، عسڪري قيادت ۽ چئن ئي صوبن جي وڏن وزيرن جي شرڪت ڪئي. پرڏيهي سيڙپڪاري جي راهه ۾ سموريون رڪاوٽون دور ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو. وزيراعظم معاشي بحالي ۽ سرمائيڪاري بابت کنيل قدمن تي اطمينان جوا ظهار ڪيو، اجلاس ۾ ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته معيشت جي بهتري ۾ آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير جي ڪردار جي  واکاڻ ڪئي، اتحادي حڪومت کي تباهه حال معيشت ورثي ۾ ملي. شهباز شريف وڌيڪ چيو ته مشڪل ۽ دليراڻا فيصلا ملڪ کي تعمير ۽ ترقي طرف واپس آڻي رهيا آهن، اڃا تمام وڏا چئلينجز اسان جي سامهون آهن، معاشي بحالي لاءِ پرڏيهي سيڙپڪاري ريڙهه جي هڏي جي حيثيت رکي ٿي، ان سان روزگار جا موقعا ملندا. اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم وڌيڪ چيو ته اسان کي گڏجي پنهنجي صلاحيتن سان ڪم ڪرڻو پوندو، مسلسل محنت سان ملڪ ۽ قوم کي ترقي ۽ خوشحالي جي راهه تي گامزن رکڻو پوندو، اسان جي توجهه نوجوانن ۽ عورتن کي پنهنجن پيرن تي بيهارڻ ۽ کين با اختيار بنائڻ تي آهي.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button