بريڪنگ نيوزقومي

آءِ ايم ايف وفد جون ملڪ جي وڏين سياي پارٽين سان ملاقاتون،پ پ ۽ پي ٽي آءِ پاران معاهدي جي حمايت

اسلام آباد/لاهور(م ڊ)آءِ ايم ايف وفد پاران اسٽينڊ باءِ معاهدي کان اڳ ملڪ جي وڏين سياسي پارٽين سان ملاقاتون، پاڪستان ۾ آءِ ايم ايف جي نمائنده ايسٽر پيريز جي پ پ جي معاشي ٽيم سان ملاقات ڪئي،پاڪستان جي معاشي صورتحال ۽ معاهدي تي ڳالهيون، نويد قمر چيو آهي ته پيپلز پارٽي وسيع قومي مفادن ۾ آءِ ايم ايف پروگرام جي حمايت ڪئي آهي، آءِ ايم ايف وفد ۽ پي ٽي آءِ جي معاشي ٽيم وچ ۾ ملاقات، زمان پارڪ ۾ ملاقات دوران پي ٽي آءِ چيئرمين به موجود هو،ملڪ جي معاشي صورتحال ۽ آءِ ايم ايف معاهدي تي خيالن جي ڏي وٺ، ايسٽر پيريز چيو آهي ته آءِ ايم ايف وفد پاران وڏين سياسي پارٽين سان ملاقاتن جو مقصد چونڊن کان اڳ نئين سپورٽ پروگرام لاءِ حمايت جي حاصل ڪرڻ آهي، ايندڙ ڏينهن ۾ پاڪستان سان اسٽينڊ باءِ معاهدي تي ايگزيڪيوٽو بورڊ ۾ غور ڪيو ويندو.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button