بريڪنگ نيوزسنڌ

شاهپورچاڪر ڀرسان انقلابي شاعر جان محمد جوش ڏاهري جو پٽ ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت

شاھپورچاڪر (ن م) شاھپورچاڪر ڀرسان ڳوٺ بھادر ڏاھري جي مشھور زميندار ۽ سنڌي ادبي سنگت جي ميمبر انقلابي شاعر جان محمد جوش ڏاھري جو نوجوان پٽ شاھجھان ڏاھري مينھن جي واڙي ۾ پاڻيءَ جي موٽر مان بجليءَ جو ڪرنٽ لڳڻ ڪري موقعي تي فوت ٿي ويو،مرحوم جي  گھر ۾ روڄ راڙو  ۽ هرهنڌ عزيزن ۽ دوستن ۾  ڪھرام مچي ويو، مرحوم شاھجھان ڏاهري جي ٻن مهينن کان پوءِ شادي ٿيڻي هئي. سندس جنازي نماز ۾ هر مڪتبه فڪر جي ماڻھن کاسواءِ برادري جي ماڻھن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. کيس سيد نور شاهه قبرستان ۾ آلين اکين سان دفنايو ويو. ٻئي طرف ڳوٺ بھادر ڏاهري ۾ ڏکويل خاندان سان تعزيت جو سلسلوجاري آهي.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button