بريڪنگ نيوزسنڌ

نوشهروفيروز ۾ بدامني خلاف ڳوٺاڻن جو احتجاج

نوشهروفيروز (ڊ ر) نوشھروفيروز ۾ بدامني چوٽ تي چڙهيل، موٽرسائيڪلون چوري ٿيڻ، ڦر جي وارداتن ۽ ماڻهن کان روڪ رقم کسجڻ جو سلسلو رڪجي نه سگهيو ڳوٺاڻن پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو احتجاج جي اڳواڻي محمد يونس راڄپر، علي نواز راڄپر، علي نواز سولنگي، عبدالرحيم راڄپر، اقبال راڄپر ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا ان موقعي تي هنن چيو ته پنج ڏينهن اڳ اٽي جي واپاري وسيم راڄپر کان شهر جي مين روڊ تان سريعام نامعلوم هٿياربند هٿيارن جي زور تي چار لک روپيا روڪ کسي فرار ٿي ويا آهن نوشهروفيروز ٿاڻي تي اين سي داخل ڪرائي آھي پر ان باوجود پوليس ڦورو پڪڙڻ بجاءِ ڪن لاٽار ڪري رهي آھي نوشهروفيروز ۽ آس پاس جي علائقن ۾ بدامني عروج تي آھي ڪو به محفوظ ڪونهي، هنن اعليٰ اختيارين آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي شھيد بينظيرآباد کان مطالبو ڪيو ته ڦر ٿيل روڪ رقم واپس ڪرائي جوابدار گرفتار ڪيا وڃن ٻي صورت ۾ ايس ايس پي نوشھروفيروز آڏو سخت احتجاج ڪيو ويندو.7

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button