بين الاقواميقومي

پاڪ فوج ۽ آرمي چيف خلاف ڪريل سوچيل سمجهيل ۽ چڙ ڏياريندڙ مهم شيطاني ذهن جي رٿابندي جو نتيجو آهي: وزيراعظم

اسلام آباد (م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته عمران خان آرمي چيف جنرل عاصم منير خلاف ڪِريل ۽ بدنيتي تي ٻڌل مهم ۾ مصروف آهي، سندس ٻين جي ذريعي آرمي چيف کي موتمار ڌمڪيون ڏيڻ جو منصوبو بُري طرح وائکو ٿي چڪو آهي، سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ وزيراعظم چيو ته قاتلاڻي حملي جي ڌمڪي ڏيڻ لاءِ پراڪسين جي استعمال جي چال بُري طرح وائکي ٿي چڪي آهي، رياستي ملڪيتن تي منصوبابندي تحت حملا ناڪام ٿيڻ کانپوءِ هو واضح طور تي بي چين آهي، وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پاڪ فوج ۽ آرمي چيف خلاف ڪريل، سوچيل سمجهيل ۽ چڙڏياريندڙ ميڊيا مهم شيطاني ذهن جي رٿابندي جو نتيجو آهي، سازشي ذهن ۽ عنصر ملڪ ۾ سياسي ۽ معاشي استحڪام خلاف ٻيهر سرگرم آهن، شهيدن خلاف ڪريل مهم هلائڻ وارن جي نئين مهم هڪ ئي منصوبي جي ڪڙي آهي، وزيراعظم شهباز شريف لاڳاپيل ادارن کي ميڊيا مهم هلائيندڙن خلاف ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ قانوني قدم کڻڻ جي هدايت ڪندي چيو ته فوج ۽ ان جي سربراهه خلاف ميڊيا مهم اظهار جي آزادي جي زمري ۾ نه ٿا اچن، اها رڳو سازش آهي جنهن کي طاقت سان روڪڻ قانوني فرض آهي، هن چيو ته قوم هن ڪريل سازش کي به اهڙي طرح ناڪام بڻائيندي جهڙي طرح 9 مئي تي ملڪ ۾ گهرو ويڙهه جي سازش کي ناڪام بڻايو هو، وزيراعظم شهباز شريف چيو ته مايوس عنصرن کي وائڙائپ ۽ مايوسي ۾ ملڪ اندر نئون بحران پيدا نه ڪرڻ ڏنو ويندو، قوم پنهنجي فوج ۽ ان جي سربراهه سان گڏ بيٺل آهي.7

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button