بريڪنگ نيوزقومي

پشاور (اين اين آءِ) سڌسماءَ بابت وفاقي وزر مريم اورنگزيب چيو آهي ته اڳوڻو وزراعظم چوندو هو ته روئڻو نه آهي، موجوده وزيراعظم چوي ٿو ته ننڍ ناهي ڪرڻي شهباز شريف ڏينهن رات ڪم ۾ مصروف آهي ريڊيو پاڪستان کان نشريات شروع ٿي وئي آهي خيبرپخوتنخواه ۾ احتساب ڪميشن جهڙي اداري کي تالو لڳايو ويو 9 مئي جي واقعن عوام کي سڀ ڪجهه ٻڌائي ڇڏيو آهي پاڪستان جو نظام تبديل ڪرڻ نه پر هي پاڪستان کي ساڙڻ آيا هئا. فتنو رڳو سازش ڪرڻ آيو آهي هي توشه خانه 190 ملين پائونڊ ڪيس کان ڀڄي رهيو آهي عمران خان ٻاهريون ايجنٽ ۽ 9 مئي جو ماسٽر مائنڊ آهي مريم اورنگزيب اڱاري تي 9 مئي جي واقعن ۾ ساڙيل ريڊيو پاڪستان پشاور جي عمارت جو دورو ڪيو پشاور پريس ڪلب ۾ نيوز ڪانفرنس ڪندي چيو ته وزيراعظم شهبازشريف ڏينهن رات ڪم ڪري رهيو آهي ريڊيو پاڪستان تان نشريات شروع ٿي وئي آهي گذريل حڪومتي دور ۾ کوڙ سارا واعدا ڪيا ويا اسان خيبرپختونخواه کي تبديل ڪري ڇڏينداسين توشه خانه ڪيس جي حوالي سان هر عدالت ۾ چوي ٿو ته ڪيس کي ڇڏي ڏيو هن چيو ته توشه خانه 190 ملين پائونڊ ڪيس کان ڀڄي رهيو آهي پريس ڪلب هميشه اسان جي آواز کي بلند ڪيو حڪومت آئيني مدو پورو ڪرڻ کان پوءِ اليڪشن ۾ وينداسين سموري سياسي پارٽيون اليڪشن لاءِ تيار آهن.

اسلام آباد (م ڊ) ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته سعودي عرب اسٽيٽ بئنڪ ۾ ٻه ارب ڊالر جمع ڪرائي ڇڏيا آهن. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي وفاقي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار جو چوڻ هو ته دوست مُلڪ سعودي عرب اسٽيٽ بئنڪ ٻ ارب ڊالر ڊيپازٽ ڪري ڇڏيا آهن. سندس چوڻ هو ته هو وزيراعظم، آرمي چيف ۽ پنهنجي طرفان سعودي /حڪومت جو شڪريو ادا ڪري ٿو. ناڻي واري وزير جو چوڻ هو ته مستقبل ۾ معاشي معاملن ۾ وڌيڪ بهتري طرف قدم وڌائينداسين، پاڪستان جي معيشت پهريان کان بهتر آهي، جلد وڌيڪ استحڪام پيدا ٿيندو.ناڻي واري وزارت ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ ايڪسٽرنل فنانسنگ جو معاملو طئي ٿي ويو آهي. ناڻي واري وزارت جي ذريعن موجب، آءِ ايم ايف ناڻي واري وزارت طرفان اُماڻيل اٺ ڏهائي ٻه ارب ڊالر جي فنانسنگ گيپ جو منصوبو قبول ڪري ورتو آهي.ذريعن موجب، آءِ ايم ايف، عالمي بئنڪ، ايشين ڊيولپمينٽ بئنڪ، چين، سعودي عرب ۽ يو اي ايِ کان فنانسگ حاصل ڪئي ويندي جڏهن ته هلندڙ سال دوران چين وٽان ٽي ڏهائي پنج ارب ڊالر جي فنانسگ جو انتظام ڪيو ويندو.ناڻي واري وزارت جي پلان موجب، سعودي عرب کان ٻه ارب ڊالر ۽ يو اي ايِ کان هڪ ڊالر جي فنانسنگ حاصل ڪئي ويندي، ايشيائي ترقياتي بئنڪ کان پنجاهه ڪروڙ ڊالر جي فنانسنگ ۽ عالمي بئنڪ کان به پنجاهه ڪروڙ ڊالر جي فناسنگ حاصل ڪئي ويندي.پلان موجب، آءِ ايم ايف کان ٽي ارب ڊالر قرض معاهدي تحت حاصل ڪيا ويندا،واضح رهي ته آءِ ايم ايف جي ايگزيڪٽيو بورڊ جو اجلاس سڀاڻي ٿيندو، جنهن ۾ بورڊ پاڪستان لاءِ هڪ ڏهائي هڪ ارب ڊالر جي قسط جاري ڪرڻ جي منطوري ڏيندو،سعودي عرب طرفان ٻه ارب ڊالرن جي منتقلي کانپوءِ جتي ڊالر جو اگهه گهٽيو، اتي ئي اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ به زبردست تيزي ٿي آهي، پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ تيزي ڏٺي وئي ۽ 100 انڊيڪس 14 مهينن کانپوءِ 45 هزار پوائنٽن جي حد پار ڪري ويو، 100 انڊيڪس 550 پوائنٽون واڌ کانپوءِ 45 هزار 155 پوائنٽن جي سطح تي اچي ويو.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button