بريڪنگ نيوزسنڌ

کڏڙو ويجهو تيز رفتارڪار جي ٽڪر ۾ ٿر واسي پورهيت فوت، هڪ ڄڻو زخمي

کڏڙو (ن م) کڏڙو ويجھو سانگھڙ نوابشاھه مين روڊ تي ڳوٺ سائين بخش رند ميران  بس اسٽاپ وٽ ڊگھڙي کان ايندڙ تيز رفتار ڪار جو موٽرسائيڪل سوارن سان زودار ٽڪر ٿي پيو جنھن سبب موٽرسائيڪل تي سوار ٿرپارڪر ضلعي جي ڊنڊھي کان مزدوري لاءِ آيل پورھيت 42 سالن جو اميدو ولد اجيو ڀيل موقعي تي فوت ٿي ويو ۔ ساڻس گڏ ليمون ڀيل سخت زخمي ٿي پيو ۔ جن کي ڳوٺاڻن پاران بنيادي صحت مرڪز کڏڙو پھچايو ويو ۔ جتي زخمي کي ابتدائي طبعي امداد بعد ڳڻتي جوڳي حالت ۾ نوابشاھه اسپتال نيو ويو،۔موٽرسائيڪل سوار پاڻ ۾ مائٽ ٻڌايا پيا وڃن، ھوڏانھن ايس ايڇ او سنجھورو محمد علي زرداري  واقعي واري ھنڌ پھچي  فوتي جو لاش اسپتال مان کڻائي سندس وارثن حوالي ڪرايو ۔ پوليس وڌيڪ ڪارروائي ڪندي ڊگھڙي واسي ڊائيور محسن علي خاصخيلي کي گرفتار ڪري ڪار تحويل ۾ وٺي ڇڏي .

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button