بريڪنگ نيوزسنڌ

سڪرنڊ ۾ مرحوم صحافي قاضي سرفراز احمد ميمڻ جي 33 هين ورسي تقريب منعقد

سڪرنڊ(رپورٽ: مسعود عمراڻي)سڪرنڊ شھر ۾ صحافت ۽ اخبار متعارف ڪرائيندڙ قاضي خاندان جي ٻين پيڙهيءَ جي جاکوڙي صحافي مرحوم قاضي سرفراز احمد ميمڻ جي 33 ورسي ۽ مرحوم قاضي الهھ ورايو آڊيٽوريم هال جي افتتاح جي گڏيل تقريب سڪرنڊ پريس ڪلب ۾ منعقد ڪئي وئي جنهن کي الڳ الڳ خطاب ڪندي ايم اين اي سيد غلام مصطفيٰ شاھه، ايم پي اي غلام قادر چانڊيو ، پ پ جي ضلعي جنرل سيڪريٽري غلام شاھه  لغاري، علي نواز چانڊيو، نور احمد لاکو ۽ قاضي جاويد سنائي چيو ته قاضي خاندان سڪرنڊ ۾ جيڪا صحافت شروع ڪئي،صاف سٿري رهي جيڪا اڄ مُني صدي گذرڻ باوجود جاري آهي هنن چيو ته قاضي سرفراز احمد ميمڻ ايم آر ڊي تحريڪ ۾ نمايان صحافتي ڪردار ادا ڪيو جنهن جي ڏوھه ۾ کيس گرفتار ڪري کنڀي گم ڪيو ويو ڪيترائي ڏينهن ملٽري فورس جي عتاب ۾ رهڻ کانپوءِ آزادي بعد به پنهنجي صحافتي ذميواري جاري رکي ۽ آمرن سان مهاڏو اٽڪايو، هنن چيو ته قاضي سرفراز احمد ميمڻ جو ٻاريل صحافتي ٻوٽو جنهن کي سڪرنڊ پريس ڪلب پاڻي ڏئي وڏو وڻ ڪري ڇڏيو آهي جيڪو وڻ الحمد لله ڦل ڏئي رهيو آهي اهوئي سبب آهي جو اسان سڪرنڊ پريس ڪلب کي ترجيح ڏيندا آهيون هنن اهو به چيو ته سڪرنڊ پريس ڪلب سيمينار هال جو نالو قاضي الھه ورايو ميمڻ آڊيٽوريم هال رکي صحافتي حق ادا ڪيو آهي سڪرنڊ پريس ڪلب سان ماضيءَ ۾ به ٻانهن ٻيلي رهيا آهيون ۽ آئينده به سهڪاري رهنداسين تقريب ۾ وحيد علي راهو، علي شان انڙ، ڊاڪٽر امتياز چانڊيو، عطا محمد انڙ، ماڻڪ ملاح، محمد حنيف سومرو، عطا محمد سيال، نعيم انصاري سميت ڪئي شخصيتون شريڪ هيون ان کان اڳ سڪرنڊ پريس ڪلب جي اڳوڻي صدر مسعود احمد عمراڻي آيل مهمانن کي آجياڻو پيش ڪيو.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button