بريڪنگ نيوزسنڌ

ڌاٻيجي ايڪانامڪ زون جي قيام سان 5 ارب ڊالرز جي سيڙپڪاري ٿيندي، ڏيڍ لک ملازمتون پيدا ٿينديون: بلاول ڀٽو زرداري

ٺٽو (رپورٽ : صديق ميمڻ) پ پ چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته عوام ۽ دنيا پ پ جي ڪارڪردگي کي تسليم ڪري رهي آهي. ڌاٻيجي اڪنامڪ زون جي افتتاحي تقريب سان خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ماضي ۾ سازش تحت پ پ جي ڪردار ڪشي جي مهم هلائي وئي، جنهن جو مقصد اهو ثابت ڪرڻ هو ته حقيقي جماعتون ناڪام ٿي چڪيون آهن ۽ نين سياسي جماعتن جي ضرورت آهي، پوءِ عوام تبديلي جي نالي تي تباهي ڏٺي، اسان تبديلي جي نالي تي تباهي به ڏٺي آهي ۽ پ پ جي خدمت به ڏٺي آهي. هن چيو ته جڏهن اڳوڻي صدر آصف علي زرداري گوادر پورٽ چين کي ڏئي سي پيڪ جو بنياد رکيو هو ته ان وقت به پ پ کي تنقيد جو نشانو بڻايو ويو، آصف زرداري جي سوچ سبب ملڪ کي معاشي استحڪام مليو، شهيد بينظير ڀٽو پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جو ڪانسيپٽ متعارف ڪرايو، اسان پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت ڪيترائي منصوبا ٺاهيا. سندس چوڻ هو ته پ پ حڪومت پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت ڪم ڪري رهي آهي، توهان ڏسي ڇڏيو ته ٻيا ڳالهيون ڪندا آهن پر پ پ ڪري ڏيکاريندي آهي، عوام ۽ دنيا پ پ جي ڪارڪردگي کي تسليم ڪري رهي آهي، عوام تسليم ڪري چڪو آهي ته پ پ جو خدمت جو طريقي ڪار ٻين جماعتن کان بهتر آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڌاٻيجي اڪنامڪ زون سان هڪ لک 50 هزار نوجوانن کي روزگار جا موقعا ملندا، سڀ کان اڳ مقامي ماڻهن کي روزگار ڏيڻو آهي، ووڪيشنل ٽريننگ به تي ڪم ڪري رهيا آهيون، اسان ووڪيشنل ٽريننگ ۾ به انويسٽ ڪنداسين، اسان جي پهرين ترجيح ملڪ کي بحران مان ڪڍڻ آهي. ڌاٻيجي ۾ هڪ هزار 530 ايڪڙن تي ٻڌل اسپيشل اڪنامڪ زون کي ٻن فيزن ۾ ورهايو ويو آهي، پهريون مرحلو 750 ايڪڙ ۽ ٻيو مرحلو 780 ايڪڙ تي ٻڌل آهي. اسپيشل اڪنامڪ زون کي پورٽ قاسم سان ملائڻ لاءِ 8 ڪلو ميٽر روڊ جي تعمير، ڌاٻيجي ريلوي اسٽيشن کي جنڪشن ۾ تبديل ڪرڻ سميت ٻيا منصوبا شامل آهن.6

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button