بريڪنگ نيوزسنڌ

ڳڙهي ياسين ۾ شهرين جو پوليس خلاف احتجاج، ايس ايڇ او کي هٽائڻ جي گهر

ڳڙهي ياسين( ن م  )ڳڙھي ياسين شهرين جي پوليس خلاف پريس ڪلب آڏو بک هڙتال، شهر جي سياسي سماجي تنظيمن جي شرڪت، ايس ايڇ او ڳڙھي ياسين کي هٽائڻ جو مطالبو.ڳڙهي ياسين شھر جي رهواسي عبدالوحيد اوڍاڻو تي چرس جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪرڻ خلاف سياسي سماجي تنظيمن پاران ڳڙھي ياسين پريس ڪلب جي ٻاهران بک هڙتالي ڪئمپ ڪري ايس ايڇ او ڳڙھي ياسين حسين شاھاڻي خلاف سخت نعريبازي ڪئي. انهي موقعي تي سماجي ورڪرن، قومي ڪارڪنن ۽ اوڍاڻا برادري جي ماڻهن  سماجي اتحاد ڳڙهي ياسين جي صدر بابر خان پٺاڻ، عبدالقدير اوڍاڻو، عمران صفي ميمڻ، خاڪي فيصل، لالا ربنواز، عدنان ميمڻ، ارسلان پٺاڻ، فدا خان مهر ۽ٻين پريس ڪلب ۾ احتجاج ڪندي دانھيندي چيو ته ايس ايڇ او ڳڙھي ياسين حسين شاهاڻي پوليس گردي ڪندي ڪنهن جي چرچ تي شهر جي پڙهيل لکيل نوجوان ۽ لوڪل گورنمينٽ ملازم عبدالوحيد اوڍاڻو کي بلا جواز کنڀي چرس جي ڪوڙي ڪيس ۾ چالان ڪري ڇڏيو آهي انهيءَ موقعي تي هنن ڊي آئي جي لاڙڪاڻو، ايس ايس پي شڪارپور امجد شيخ کان مطالبو ڪيو ته نوجوان عبدالوحيد اوڍاڻو سان ڪيل زيادتي جي شفاف جاچ ڪرائي ايس ايڇ او ڳڙھي ياسين کي هٽايو وڃي ٻئي صورت ۾ شهري سومر ڏينهن ايس ايس پي آفيس شڪارپور آڏو احتجاجي ڌرڻو هڻندا.1

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button