بريڪنگ نيوزسنڌ

ڄام صاحب ڊسٽري جي پڇڙي جي آبادگارن جو پاڻي جي کوٽ خلاف احتجاج

ڄام صاحب (ن م) ڄام صاحب ڊسٽري جي پڇڙي جي آبادگارن پاران ڄام صاحب ڊسٽري ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف ڄام واھه موري تي ڌرڻو هڻي سخي ڄام ڏاتار ۽ شاھپور چاڪر چونڪ تائين ريلي ڪڍي وئي  احتجاج ڪندڙن پڇڙي جي آبادگارن شمس الدين شر، عبدالقادر شر، غلام محمد ڏاهري، حاڪم ڏاھري، قمبر علي شر، علي شير شر، گل محمد پلهھ، صفدر شر، ڪامريڊ ابراهيم بگٽي ۽ ٻين پاران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هر سال جيان هن سال به ايريگيشن عملو منڍ جي آبادگارن کان رشوت وٺي کين پاڻي ڏئي پڇڙي جو پاڻي بند ڪري ڇڏيو آهي جنهن سبب اسان جو پوکيل فصل سڪي رهيو آهي هنن چيو ته اسان جي علائقي ۾ جياپي جو واحد ذريعو زراعت ۽ چوپايو مال آهي پاڻي نه ملڻ ڪري زمينون غير آباد فصل سڪي رهيا آهن ۽ ڍور ڍڱا چوپايو مال اڃ مري رهيو آهي احتجاج ڪندڙن پاران اختيارين کان نوٽيس وٺي پڇڙي ۾ پاڻي ڏيڻ جو مطالبو ڪيو آهي ۽ اختيارين کي چتاءُ ڏيندي چيو ته جيڪڏهن پنهجي حصي جو پاڻي نه ڏنو ويو ته 72 موري وٽ ڄام صاحب نوابشاھه روڊ تي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪيو ويند.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button